لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) شهر جي دڙي ٿاڻي تي حد جي ڊي اي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي معظم علي عباسي ۽ سندس پٽ توڙي ٻين مٿان دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ايف آءِ آر ۾ نامزد جوابدار عبدالاحد مگسي جو ٻن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي پوليس ٻيهر جوابدار کي رمانڊ لاءِ دهشتگردي جي انت واري عدالت جي انچارج ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج  سمڪان حسين مغل جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت جوابدار کي 14 جنوري تائين جڊيشل رمانڊ لاءِ جيل حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، هوڏانهن جي ڊي اي اڳواڻ معظم علي عباسي، سندس پٽ وليد عباسي ۽ پٽ جي دوست اسد علي تونيو جي عبوري ضمانت منظور ٿيڻ بعد سڀاڻي 13 جنوري تي سندن جي پڪي ضمانت لاءِ داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿيندي.