ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ طرفان اسمگلنگ ۾ ملوث هجڻ تي معطل ڪري بليڪ ڪمپني حوالي ڪيل ٻن انسپيڪٽرن سميت 19 اهلڪار ڊيوٽين تان غائب هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ايس پي پوليس هيڊڪوارٽر گارڊن جي رپورٽ تي آءِ جي سنڌ سمورن اهلڪارن جون پگھارون فوري طور بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، آءِ جي سنڌ جي حڪم تي اي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن موجب غير حاضر رهندڙن ۾ ڪشمور، سکر، شڪارپور، جيڪب آبا ۽ سکر جا اهلڪار شامل آهن. نوٽيفڪيشن موجب انسپيڪٽر اقتدار حسين جتوئي، حنيف کوسو، سب انسپيڪٽر رشيد مارفاڻي، اي ايس آءِ دين محمد لاشاري، مير احمد لغاري، هيڊڪانسٽيبل بابر علي کونهارو، نواب چنا، مولا بخش کونهارو، منور علي جوڻيجو، علي محمد کوسو، خليق مهر، نجم الدين درشاڻي، شيراز نيازي، نواب ماڪو، محمد خان، زبير سومرو،نادر لغاري، امجد لغاري ۽ دائم ڀيو کي معطل ڪري بليڪ ڪمپني حوالي ڪيو ويو هو، اهلڪار بليڪ ڪمپني ۾ رپورٽ ڪرڻ بدران گھر ويهي رهيا، ايس پي هيڊڪوارٽر گارڊ جي رپورٽ تي آءِ جي سندن پگھارون بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. واضح رهي ته اهلڪارن کي ايراني تيل، نان ڪسٽم پيڊ گاڏين ۽ ٻين شين جي اسمگلنگ ۾ ملوث هجڻ تي معطل ڪيو ويو هو