سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) هي عيد به پريا ڪماريءَ جي خاندان پنهنجي نياڻيءَ کان بنا سڏڪن ۾ گذاري ڇڏي. سکر پوليس پريا ڪماريءَ کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام، سنڌ حڪومت پاران واعدا، يقين ڌيانيون ۽ اعلان اعلان ئي رهجي ويا. 3 سال 8 مهينا گذرڻ وڃڻ باوجود معصوم پريا ڪماريءَ جو پتو نه پوڻ تي سندس جيجل امڙ، والد، خاندان توڙي هندو برادري م بيچيني ۽ پريشاني واري لهر ڇانيل. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ، ملڪ توڙي ملڪ کان ٻاهر به معصوم نياڻي جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرا رڪارڊ ڪرايا ويا پر هن وقت تائين ڪيس ۾ ڪا به تسلي بخش اڳڀرائي نه ٿي سگهي. رپورٽ موجب  سکر ضلعي جي سنگرار واري علائقي سان تعلق رکندڙ معصوم پريا ڪمار ڌيءَ راجو مل (راجڪمار) کي 19 آگسٽ 2021ع (10 محرم الحرام) عاشور واري ڏينهن ڪربلا جي شھيدن جي ياد ۾ ٿيندڙ ماتمي جلوس جي عزادارن لاءِ گھر جي چند قدمن جي مفاصلي تي لڳايل سبيل تان نامعلوم جوابدار اغوا ڪري فرار ٿي ويا. والد راجو مل جي فرياد تي سنگرار ٿاڻي تي نامعلوم ماڻھن خلاف اغوا جو ڪيس داخل ٿيل آهي، پريا جي اغوا کي 3 سال مڪمل ٿي ويا آهن پر هن وقت تائين پوليس کيس بازياب ڪرائڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي. پرياءَ ڪماريءَ جي اغوا کان پوءِ ڪيترن ئي ايس ايس پيز جي مقرري ۽ بدلي ٿي، جن پاران پرياءَ کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ جون دعوائون ڪيون ويون پر اُهي خالي دعوائن، آسرن، دلاسن کان سواءِ ڪو به نتيجو نه ڏئي سگهيا. ڪجهه مهينا اڳ صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار سنڌ اسيمبلي جي فلور تي ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي هئي ته پريا ڪماري زندهه آهي، جيڪا بلوچستان جي چولستان واري علائقي ۾ موجود آهي جنهن کي جلد بازياب ڪرايو ويندو، اهڙي طرح اڳوڻي ڊي آءِ جي سکر پير محمد شاهه توڙي ايس ايس پي سکر امجد احمد شيخ جي مقرري بعد پريا جي والدين، هندو برادري، ساڃانهه وندن ۽ سنڌ واسين ۾ هڪ اميد پيدا ٿي آهي ته پريا ڪماري کي بازياب ڪرايو ويندو. ٻنهي پوليس آفيسرن به گهرو وزير جيان هندو برادري ۽ پريا ڪماري جي والدين کي خاطري ڪرائي آهي ته پريا ڪماري زندهه آهي جنهن کي جلد بازياب ڪرايو ويندو. اهڙن بيانن بعد پريا ڪماري جي امڙ ۽ والد، گهر ڀاتين، هندو برادري جي بيچيني ۾ اضافو ٿي ويو آهي. خاص ڪري جيجل امڙ جيڪا ساڍن ٽن سالن کان وڌيڪ عرصي کان پنهنجي نياڻيءَ جي جدائي جو صدمو برداشت ڪري رهي آهي ۽ هي عيد به هن پنهنجي نيانيءَ کان بغير سڏ ڪن سان گذاري آهي. معصوم پريا جي امڙ پنهنجي نياڻيءَ جي خيريت، صحي سلامت واپسيءَ لاءِ تڪليف ڏيندڙ انتظار ڪري رهي آهي.  اڳوڻي توڙي نئين مقرر ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي هندو پنچائت جي اڳواڻن جون هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ڪيل ملاقاتن ۾ پڻ واپسيءَ لاءِ خاطري ڪرائيندي چيو ته معصوم نياڻيءَ جي بازيابيءَ لاءِ پوليس ڪم ڪري رهي آهي. اڳوڻو ڊي آءِ جي پير محمد شاهه بدلي ٿي ويو، نئين ڊي آءِ جي کي به ڪجهه مهينا ٿي ويا آهن پر هن وقت تائين ڪو به نتيجو ناهي اچي سگهيو. جڏهن ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار پريا ڪماريءَ جي زندهه هجڻ جي تصديق ڪندي چيو هو ته پريا ڪماري زندهه آهي ۽ هو هن وقت پنجاب جي چولستان واري علائقي ۾ آهي، جنهن جي جلد بازيابي عمل ۾ اچي ويندي، پر عملي طور تي هن وقت تائين نياڻي متعلق ڪو به پتو ناهي پئجي سگهيو. هندو پنچائت، پريا ڪماريءَ جي والدين پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، وڏي وزير مراد علي شاھ، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کي اپيل ڪئي آهي ته پريا ڪماريءَ کي جلد بازياب ڪرايو وڃي.

پريا جي بازيابي پوليس لاءِ چيلينج بڻيل: جاچ ٽيم جي سربراهه پاران روايتي سستي جو اعتراف

سکر: اغوا ٿي ويل پريا ڪماري جي بازيابي سنڌ پوليس لاءِ چئلينج بڻيل. مختلف وقتن تي ساک رکندڙ آفيسرن تي مشتمل ٽيمون به نتيجا نه ڏئي سگهيون. موجودا جاچ ٽيم جو سربراهه پريا جي اغوا ٿيڻ وقت پوليس جي روايتي سستي جو به اعتراف ڪري چڪو آهي. پريا ڪماريءَ جي اغوا واري واقعي کانپوءِ چيف جسٽس سنڌ ھاءِ ڪورٽ معامري جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو، جنهن بعد آءِ جي سنڌ طرفان ايس ايس پي امجد احمد شيخ، ايس ايس پي تنوير حسين تنيو، ايس ايس پي عرفان احمد سمون تي مشتمل ڪاميٽي قائم ڪئي ھئي. پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ٺهڻ کانپوءِ ڪجهه مهينا اڳ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پاران پراڻي ڪميٽي کي ختم ڪري ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي جي سربراهيءَ ۾ پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ لاءِ ٽيم جوڙي جنهن ۾ ايس ايس پي امجد احمد شيخ ۽ ايس ايس پي تنوير حسين تنيو کي ميمبر طور شامل ڪيو ويو آهي. پريا ڪماريءَ متعلق پوليس رپورٽ موجب ڪيس داخل ٿيڻ بعد پريا ڪماري جي ڳولا شروع ڪئي، انسپيڪٽر، ڊي ايس پي ۽ ايس ايس پي سطح تي ڪيس جي جاچ ڪئي وئي. گھرو وزارت پاران ڊي آءِ جي جي نگراني ۾ جي آءِ ٽي ھن وقت ڪيس جي جاچ ڪري رھي آھي. پوليس ٽيمن  سنگرار جي آس پاس 415 گھرن جي تلاشي ورتي. پوليس پاران 1030 شڪي ماڻھن کان پريا ڪماري متعلق پڇا ڳاڇا ڪئي. سبيل پوائنٽس تي موجود 170 ماڻھن کي چيڪ ڪيو ويو. سنگرار ۽ ويجھو ڳوٺن ۽ علائقن جي ڊرون ذريعي نگران ڪئي وئي. شڪي جاين، نالن، تلائن جي چيڪنگ ڪئي وئي. 300 کان وڌيڪ ويجھن گھرن ۽ آس پاس وارن علائقن جي کوجي ڪتن ذريعي تلاشي ورتي وئي، ويجھن تلائن، خالي پيل عمارتن جي تلاشي ورتي وئي، مزارن، درگاھن ۽ مندرن جي تلاشي ورتي وئي، لاپتا ٻارڙي جي ڳولھا جي لاءِ ھندو برادري سميت مقامي معزز ماڻھن سان ملاقات ڪئي وئي. ضلعي جي خانا بدوش ۽ پينو فقيرن جي رھاش گاھن جي تلاشي ورتي وئي، پوليس شڪارپور جي ڪچي واري علائقي م ڇاپا ھنيا، سنڌ جي مختلف علائقن کان علاوھ پنجاب جي رحيم يار خان، صادق آباد، بھاولپور ٻين علائقن ۾ ڳولھا ڪئي وئي،

پريا جي بازيابي لاءِ سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ۽ ڌرڻا به هنيا ويا

سکر: پوري سنڌ توڙي پاڪستان اندر مختلف وقتن تي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ھندو برادري توڙي سياسي، سماجي، مذھبي توڙي سول سوسائٽيءَ جي تنظيمن طرفان احتجاجي مظاھرا پڻ رڪارڊ ڪيا ويا آھن، ٻاهرين ملڪن ۾ پڻ پريا ڪماريءَ جون تصويرون کڻي اُن جي آزادي ۽ ذميوارن کي وائکو ڪرڻ لاءِ احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو آهي. سوشل ميڊيا تي وڏي پئماني تي معصوم پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ مهم هلائي وئي جيڪا هلندڙ آهي، پر پوليس ھن وقت تائين پريا ڪماريءَ جو پتو لڳائڻ ۾ ناڪام آھي. نتيجي ۾ متاثر خاندان ۾ تمام گھڻي پريشاني، بيچيني واري لھر ڇانيل آھي. جڏھن تہ سول سوسائٽيءَ ۾ پڻ مايوسي واري لھر ڇانيل آھي. لنڊن ۾ سنڌين پاران معصوم پريا ڪماريءَ جي بازيابيءَ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،

پريا زندهه آهي ته بازياب ڇو نه پئي ڪرائي وڃي؟ هندو پنچائت

سکر: هندو پنچائت سکر جي مکي ايشور لال ماکيجا، هندو پنچائت روهڙي جي مکي وڪي ڪمار، سنگرار جي مکي واسو مل، صالح پٽ جي مکي اشوڪ ڪمار، پنوعاقل جي مکي تربداس، ڪنڌرا جي مکي واشو مل، باگڙجي جي مکي پرڪاش لال، چندر ڀان، ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار، هاسانند سچديوَ، جيئرام داس بختياپوري چيو آهي ته صوبائي گهرو وزير ضياء الحسن لنجار اسيمبلي فلور تي بيان ڏنو هو ته پريا ڪماري زندا آهي ۽ جلد بازياب ڪرايو ويندو. پر افسوس هن وقت تائين پريا ڪماري کي بازياب ناهي ڪرايو ويو. صوبائي گهرو وزير ضياء الحسن لنجار کان سوال آهي ته جيڪڏهن پريا زندا آهي ته پوءِ هن وقت تائين هن کي بازياب ڇو ناهي ڪرايو ويو. هنن چيو ته ڪراچيءَ ۾ معصوم پريا جي امڙ جي اڳواڻيءَ ۾ تين تلوار وٽ ڌرڻو هنيو ويو. گهرو وزير خاطري به ڪرائي پر افسوس هن وقت تائين ڪا به جوڳي اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي. نتيجي ۾ هندو برادري، معصوم پريا جي خاندان ۾ سخت مايوسي واري لهر ڇانيل آهي.

 

پريا بلائينڊ ڪيس آهي، پوليس ڀرپور ڪوشش ڪري پئي: ڊي آءِ جي

سکر: موجوده ڊي آءِ جي سکر فيصل عبدالله چاچڙ جو ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڻ آهي ته سنگرار جي نينگري پريا ڪماري بلائينڊ ڪيس آهي، جنهن جي بازيابيءَ لاءِ پوليس پنهنجي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي. ساڳي ريت ايس ايس پي اظهر مغل به وارثن مطابق خاطري ڪرائي آهي ته هو اِن ڪيس ۾ تمام گهڻي محنت ڪري رهيو آهي.

 

پريا 10 ورهين جي ٿي چڪي، والدين سنگرار ڇڏي سکر منتقل

سکر: معصوم پريا ڪماريءَ کي ستن ورهين جي عمر ۾ امام حسين عه جي سبيل هلائيندي گهر ٻاهران اغوا ڪيو ويو هو، والدين لڳ ڀڳ هڪ سال تائين سنگرار ويجهو هڪ درگاهه تي رهائش اختيار ڪئي هئي، پريا جو پتو نه پوڻ تي راجڪمار پنهنجي خاندان سان گڏ سنگرار ۾ واقعي اباڻا ڪک ڇڏي لڏپلاڻ ڪرڻ بعد سکر ۾ رهائش اختيار ڪئي آهي. معصوم پريا ڪماري کي ستن ورهين جي عمر ۾ اغوا ڪيو ويو هو جيڪا هن وقت 10 ورهين جي عمر ۾ پهتي آهي. پريا ڪماريءَ جي اغوا کانپوءِ پريشان والدين سنگرار ويجھو پير اخلاص شاھ درگاھ سان عقيدت هجڻ ڪري لڳ ڀڳ هڪ سال تائين نياڻيءَ جي خيريت سان واپسيءَ لاءِ درگاهه تي رهائش اختيار ڪئي. جنهن کانپوءِ راجڪمار پنهنجي خاندان سان گڏ سنگرار ۾ واقع پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي سکر ۾ رهائش اختيار ڪئي آهي.

خبر ناهي منهنجي جگر جو ٽڪرو ڪٿي آهي؟ روينا ڪماري

سکر: معصوم پريا ڪماريءَ جي امڙ روينا ڪماري جو چوڻ آهي ته حڪومت ۽ پوليس ٺلها دالاسا، آسرا ڏنا آهن پر منهنجي نياڻي هن وقت تائين واپس ناهي موٽي، ڪڏهن حڪومت چوي پئي ته پريا جي خبر پئجي وئي آهي ته ڪڏهن چوي ٿي ڪوشش ڪريون ٿا، اسان ته پنڌ ڪري ڪري ٿڪجي پيا آهيون پر آسرا، دلاسا ۽ خاطريون ئي مليون آهن، منهنجي نياڻيءَ کي پوليس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام آهي. خبر ناھي منھنجي جگر جو ٽڪرو ڪھڙي حالت ۾ آھي ڪنھن وٽ آھي. پريا جي امڙ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير، چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، آءِ جي سنڌ کان هٿ ٻڌي اپيل ڪئي آهي ته منهجي نياڻي کي بازياب ڪرايو وڃي. پريا ڪماري جي والد راجو مل چيو آهي ته منهنجي نياڻي امام حسين عه جي سبيل ھلائيندي اغوا ٿي آھي، ڪو دروازو ناهي بچيو جيڪو مون ناهي کڙڪايو، سکر جي سياستدانن جي هائوسن ڏانهن ڪافي ڀيرا ويو آهيان، هر ايندڙ ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پيز سان ملاقات ڪئي آهي. سواءِ خاطرين، دعوائن جي نياڻي جي بازيابي عمل ۾ ناهي اچي سگهي. هاڻي ته مايوسي جي ور چڙهي ويا آهيون منهنجي گهر واري نياڻيءَ جي واپسي جي منتظر آهي 3 سال 8 مهينن کان روئيندي رهي ٿي، نياڻي  واپس ڪرائي وڃي ته جيئن منهنجي گهرواري سميت خاندان جيڪو ڊگهي عرصي کان انتظار ۽ تڪليف برداشت ڪري رهيو آهي اُن کان نجات ملي سگهي.

ايس ايس پي سنگهار ملڪ تي پنجاب ۾ ڪارروائي نه ڪرڻ جو الزام

سکر: پرياءَ ڪماري جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي..؟ پريا ڪيس ۾ صوبائي وزير توڙي پوليس آفيسرن پاران جيڪا اڳڀرائي ٿيڻ جي دعوي ڪئي پئي وڃي اُن متعلق هندو پچائت روهڙي جي مکي وڪي ڪمار جو چوڻ آهي ته سنگرار جي رهواسڻ هڪ عورت جنهن جي پنجاب ۾ شادي ٿي ان اچي کيس ٻڌايو ته هڪ نئين ڇوڪري کي هن پنجاب ۾ ڏٺو آهي، پريا جي تصوير ڏسڻ بعد هن تصديق ڪئي ته اِها ئي ڇوڪري آهي ۽ اُتي وڃي وڌيڪ تصديق ڪري ٻڌائڻ متعلق چيو پر بعد ۾ اُن عورت پاران ڪا مثبت موٽ نه ملي ۽ صرف ايترو ٻڌايو ته جن وٽ ڏٺو هو اُهي هاڻي اُتي نٿا رهن. جنهن بعد اُن وقت جي ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ کي اِن ڳالهه کان آگاهه ڪيو پر مناسب اڳڀرائي نه ٿي. ايس ايس پي امجد شيخ  چارج وٺڻ بعد اِن ڳالهه کي سنجيدا ورتو ۽ پنجاب ۾ ڪاروائي ڪري اُن عورت کي گرفتار ڪري کڻي آيو. پر پوءِ به پريا ڪماريءَ جو پتو ناهي پئجي سگهيو.

 

سنگرار جي سيد خاندان جي 40 ماڻهن کان پڻ پڇاڻو

سکر: سنگرار جي سيد خاندان سان تعلق رکندڙ 40 ماڻھن کي حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا ڪئي وئي.علائقن جي جيو فينسنگ ڪري ڪيترن ئي شڪي مانھن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي،

پريا جي ڳولا لاءِ اشتهار ڏنا ويا، 50 لک انعام به رکيل

سکر: پريا ڪماري جي ڳولا لاءِ پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا ذريعي اشتھار ڏنا ويا، ويجھن ضلعن، عوامي ھنڌن تي ٻارڙي جي گمشدگي متعلق پمپليٽ لڳايا ويا. پريا ڪماري متعلق اطلاع ڏيندڙ لاءِ 50 لک انعام پڻ رکيو ويو آھي.

پريا جو چاچو سريش ڪمار به جاچ ۾ شامل رهيو

سکر: نينگريءَ جي مٽن، مائيٽن توڙي ويجھن عزيزن کي به جاچ ۾ شامل ڪري کين حراست ۾ وٺڻ کان پوءِ بيان  رڪارڊ ڪيا ويا ھئا، جنھن بعد ٻن شڪي ماڻھن جنھن ۾ نينگريءَ جو چاچو سريش به شامل ھو، انھن جي پنجاب فارينزڪ ليب مان پولي گرافڪ ٽيسٽ به ڪرائي ھئي پر اِن باوجود ھن وقت تائين نينگريءَ جو ڪو به پتو ناھي پئجي سگھيو.

معصوم پريا جي بازيابي لاءِ هڪ ڪروڙ ڀنگ به طلب ڪئي وئي

سکر: معصوم پريا ڪماريءَ جي والد کان هڪ ڪروڙ روپيا ڀنگ لاءِ به ڪال ايندي رهي ٿي. جنهن متعلق ڊي آءِ جي سکر فيصل عبدالله چاچڙ ۽ ايس ايس پي سکر اظهر مغل کي به آگاهه ڪيو ويو آهي. اِن ڏس ۾ پريا ڪماريءَ جي والد راجو مل مطابق منهنجي موبائيل نمبر تي فريد ميراڻيءَ نالي شخص جي ڪال ايندي آهي، جيڪو پاڻ کي رائونتيءَ ڪچي جو ڌاڙيل ٻڌائيندو آهي جيڪو چوندو آهي ته پريا مون وٽ آهي هڪ ڪروڙ روپيا ڏي ته اُن کي آزاد ڪندس پر هو نه وڊيو موڪلي ٿو ۽ نه ئي پريا ڪماري متعلق ڪجهه ٻڌائي ٿو. هڪ ڀيرو ڊي آءِ جي فيصل عبدالله چاچڙ سان ملڻ لاءِ ويس اُتي به ڪال آئي ۽ مون اُن شخص کي ڊي آءِ جي سکر سان به ڳالهرايو. اِن معاملي متعلق ايس ايس پي اظهر مغل کي به آگاهه ڪيو ويو آهي پر ڪو به کڙتيل ناهي نڪري سگهيو.