سکر (بيورو رپورٽ) پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ وائيس آف راڻيپور طرفان ٻئين ڏينهن به سکر پريس ڪلب آڏو ڪئمپ قائم ڪري احتجاج جاري رکيو ويو،  ان موقعي تي ڊاڪٽر نذير کوکر، فياض خميساڻي، شيراز ابڙو چيو ته جيستائين پريا ڪماري، خيرپور واسي نوجوان اسلام الدين سومرو ۽ ٻيا مغوي بازياب نٿا ٿين تيستائين جدوجهد جاري رکي ويندي. هنن چيو ته ڌاڙيل، پوليس ۽ بااثر چونديل نمائندن جو پاڻ ۾ ڳٺ جوڙ آهي، ان ڪري مغوي بازياب نه ٿا ڪرايا وڃن.