ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا سوارا ڀاسڪر غزا تي اسرائيلي ظلمن ۽ ناانصافي ۽ تازو النصر اسپتال تي ڪيل حملي ۾ صحافي سميت ٻين ماڻهن جي زنده سڙي وڃڻ خاموشي ٽوڙي ڇڏي.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ انسٽاگرام تي هڪ تصوير شيئر ڪندي سوارا ڀاسڪر هڪ جذباتي پوسٽ ذريعي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. سوارا ڀاسڪر لکيو ته” مان ڏاڍي ڪوشش ڪندي آهيان ته سٺا ڪپڙا پهري تيار ٿيان، ميڪ اپ ڪري سيلفي پوسٽ ڪيان، پنهنجي ڌيءَ جون راند روند واريون تصويرون ۽ وڊيوز ٺاهيندي آهيان، گهرڀاتين جون تصويرون پوسٽ ڪندي آهيان پر هي سڀ مون کي غزا بابت سوچڻ کان نه ٿو روڪي سگهي.“ اداڪارا پنهنجي پوسٽ ۾ غزا ۾ ٿيل تباهڪارين تي افسوس جو اظهار ڪندي لکيو ته ” مان هر ڏينهن اهڙن والدين کي ڏسان ٿي جيڪي مئل ٻارن کي هنج ۾ کڻي روئي رهيا آهن، اهڙا ٻار جن جو سر ڌڙ کان ڌار ٿي چڪو آهي ۽ جسم جا ٽڪرا اسرائيل طرفان ڪيل بمباري هوا ۾ اُڏائي ڇڏيا آهن، ماڻهن کي پنهنجن عزيزن جا عضوا پلاسٽڪ جي ٿيلين ۾ کنيل آهن جڏهن هڪ همراهه کي جيئرو ساڙيو ويو آهي. “