لاهور(م ڊ) مسلم ليگ نون جي اڳواڻ جاويد لطيف چيو آهي ته سندن مطالبو آهي ته ڪنهن جي چونڊ مهم نه هلائي وڃي، عام چونڊن لاءِ سڀني کي ليول پليئنگ فيلڊ ملڻ گهرجي، جنهن ملڪ لاءِ سڀ ڪجهه ڪيو ان کي ڪا ليول پليئنگ فيلڊ ناهي ڏني وئي، اليڪشن کانسواءِ رڳو جمهوريت نه پر ملڪ جو به تمام گهڻو نقصان ٿي ويندو، مخالف عام چونڊن کي تڪراري بڻائڻ چاهن ٿا، ڊان ۽ سسلين مافيا جا اڄ تائين لفظ واپس نه ورتا ويا، اڄ هڪ شخص کي ڪڏهن معصوم ته ڪڏهن گڊ ٽو سي يو چيو وڃي ٿو. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جاويد لطيف چيو ته عام چونڊن لاءِ سڀني کي ليول پليئنگ فيلڊ ملڻ گهرجي، اليڪشن کانسواءِ ملڪ جون حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون، مخالف عام چونڊن کي تڪراري بڻائڻ چاهن ٿا. سندس چوڻ هو ته کين رڳو فيلڊ ملي آهي ليول ته ملي ئي ناهي، سندن مطالبو آهي ته ڪنهن جي چونڊ مهم نه هلائي وڃي.