معصوم قيدياڻي ۽ ماءَ جو درد

0
22
معصوم قيدياڻي ۽ ماءَ جو درد

گم ڪيل معصوم نياڻيءَ جي ماءَ جي اکين ۾ ٻن سالن جو طويل انتظار هاڻي ايئن ٿيڻ وڃي رهيو آھي، جيئن سامونڊي طوفان ۾ گم ٿيندڙ مهاڻن جي مائٽن جو انتظار! ڪنهن به مائٽ کي سندس اولاد جو وڇوڙو، چڪندڙ زخم کان هزار دفعا وڌيڪ گهائيندڙ هوندو آهي ۽ اهو زخم ان جي زندگيءَ جو چين ختم ڪري ڇڏي ٿو. گم ڪيل ٻارڙيءَ جا مائٽ ھن جهان ۾ ڀل ته کائيندا، پيئندا ۽ ھلندا به هجن، پر ھو هر گهڙيءَ ۾ وڇوڙي جو وِههِ پيئندا رهندا آھن. هڪ اهڙو وِههِ، جيڪو نه انهن جي زندگي ختم ڪري ٿو ۽ نه ئي هنن کي جيئڻ ڏئي ٿو. ٻن سالن کان گهر ٻاهران گم ڪيل پريا ڪماريءَ کي جيتوڻيڪ وڏو عرصو گذري ويو آھي پر اها اڃان تائين پنهنجي گهر واپس نه پهتي آھي. هن جي ماءَ جي اکين اڳيان اهي پل اڄ به گذرن پيا، جن پلن ۾ هوءَ چانھ ٺاهي رهي آھي. هن جي معصوم ڌيءَ گهر کان ٻاهر وڃي ٿي ۽ پوءِ موٽي ئي نه ٿي. ان کان پوءِ سندس ماءَ جو انتظار ڊگهو ٿي وڃي ٿو. ايڏو ڊگهو جيڏو ڪنهن پهاڙي مان گذرندڙ ريل جو رستو، جيڪو سنسان ٿي ويو هجي ۽ ريل ان تي ڊوڙڻ بند ڪري ڇڏيو هجي. مسافرن کي ان ريل جي رستي جي خبر به نه هجي. هاڻي جڏھن چيٽ جون چانڊوڪيون سنسان گهٽين، صحرائن ۽ وڻن مٿان سمهي پونديون آھن ۽ هوائون ساز بند ڪري خاموش ٿي وينديون آھن، تڏھن ان معصوم قيدياڻيءَ جي ماءَ در ۽ درين سان ڳالهائيندي آھي. ڳالهائي ڳالهائي جڏھن کيس ڪا ورندي نه ملندي آھي ته هوءَ چانئٺ تي ويهي سندس معصوم ڌيءَ جي اچڻ جو انتظار ڪندي آھي. ڪڏھن ڪڏھن هوءَ خالي پينگهو لوڏي پريا جو نالو وٺي لوليون به ڏيندي آھي:

شال جيئين شال جيئين،کير وٽيون شال پيئين،

توسان گڏ بهار کلن، پنڌ ڪرين ته ملهار هلن،

توکي ڏسڻ سان وسندڙ بادل ٿيو پوان،

جل ٿل جل ٿل، ٿاڌل ٿي پوان،

تون ئي اکين جو ٺار آھين،

پيار آھين، پيار آھين.

مائٽ لاءِ اولاد دنيا جي پياري ۾ پياري شئي آهي. ان جي اوچتو گمشدگي هن دنيا ۾ بدترين عذاب کان گهٽ ڪونهي. اولاد جو قدر انهن مائٽن کي هوندو آھي، جن کي اولاد هوندو آھي ۽ جيڪي نانگا هوندا آھن، انهن کي ٻين جي معصوم ٻارڙن جو ڪهڙو قدر؟ هن وقت سنڌ ۾ پريا ڪماري جي آزاديءَ جي ڀرپور احتجاجي تحريڪ هلي رهي آھي. هن جي گمشدگي جي جدائي جو درد ان جي مائٽن جي دلين کان ٿيندو سنڌ جي ماڻھن جي دلين ۾ لهي ويو آھي، جيڪو ساري سنڌ کي تڙپائي رهيو آھي. صحافين، سماجي ورڪرن، عام ماڻھن ۽ شاعرن جي اکين ۾ ان معصوم نياڻيءَ جي واپسيءَ جو شديد اوسيئڙو ڄمڻ لڳو آھي، جيئن سردين ۾ پهاڙين تي پاڻي ڄمندو آھي.

ٽي سال گذري ويا،

رانديڪا ساڳي جاءِ تي.

سر نسريا ئي نه هئا،

کنڀي ويا ڪماري، رانديڪا ساڳي جاءِ تي.

رڻ ۾ اڪيلي ڪونج،

ماري ويو ماري، رانديڪا ساڳي جاءِ تي.

روئي ماءُ پريا جي،

دل منهنجي ڏاري، رانديڪا ساڳي جاءِ تي.

توسان نباهي نه سگهياسون،

تنهنجا آھيون مياري، رانديڪا ساڳي جاءِ تي.

ياد ٿو اچي ته ڪجهه سال اڳ هڪ ڪلراٺي ۽ پسمانده علائقي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي جي رهواسي هڪ همراه، جنهن جو نالو وسري ويو آهي، پنهنجي ننهن کي علاج لاءِ ھڪ شھر وٺي ويو. هن اسپتال سامهون هڪ معصوم نياڻي روئندي ڏٺي. هن ڇا ڪيو جو ان معصوم  نياڻيءَ کي پنهنجي گهر وٺي آيو. ٻن ٽن ڏينهن اندر ڇوڪريءَ جا مائٽ پڇائون ڪندي ڪندي، اچي ان همراه جي گهر تائين پهتا. هن همراه باسيو ته معصوم نياڻي هن وٽ آھي. ايتري ۾ ٻن ٽن ٿاڻن جي پوليس به اتي پهچي ويئي. پوليس هن جي ڪکائين گهرن کي ڪڙو چاڙھي، معصوم ڇوڪريءَ کي ‘بازياب’ ڪرائي ان همراه سميت سندس پٽن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو. ان بعد گرفتار همراه جي مائٽن، چونڊيل نمائندن ۽ ڇوڪريءَ جي مائٽن جي درن تي آزيون گيسيون شروع ڪري ڇڏيون. نيٺ ڏنڊ ۾ وڏي رقم ادا ڪري مس وڃي جان ڇڏائي. پوءِ اهو ساڳيو همراه ڪنهن ڳوٺ يا گهٽيءَ ۾ جيڪڏھن ڪو معصوم ٻار ڏسندو هو ته ڏڪي ويندو هو ۽ هو اهو رستو ڇڏي ٻيو دڳ وٺندو هو.

صدر ايوب جي دور ۾ افغاني ۽ پهاڙي علائقن جا پٺاڻ سنڌ ۾ روزگار خاطر ماڪڙ جيان ڪڙڪي پيا هئا. ان وقت اسان وٽ مائٽ ننڍڙن ٻارڙن کي گهرن کان ٻاهر نه ڇڏيندا هئا. انهن کي اهو خوف هوندو هو ته افغاني، ٻار اغوا ڪري وڪرو ڪن ٿا. آڳاٽي وقت ۾ اهڙا واقعا ٿيندا به هئا. ٻارن کي اغوا ڪري وڪرو ڪيو ويندو هو. خريدار انهن کان مختلف قسم جا ڌنڌا ڪرائيندا هئا ۽ اهو ڏوهه اڄ به مختلف ملڪن ۾ جديد طريقي سان ٿيندو رهي ٿو. دنيا ۾ لکين مرد، عورتون، ٻارڙا کنڀي گم ڪرڻ کان پوءِ انهن جو وڪرو ڪيو وڃي ٿو. اهو ڏوه ڪنهن خاص طبقي يا ڪنهن هڪ علائقي ۾ نه پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪيو وڃي ٿو. اهڙن اغوا ڪيل ماڻھن/ٻارڙن کان يا ته جبري پورهيو ورتو ويندو آھي يا وري جنسي ڌنڌو ڪرايو ويندو آھي. ڪڏھن ڪڏھن انهن جي جسم جا عضوا ڪڍي وڪرو به ڪيا ويندا آھن. اغوا ٿيل ماڻھو اڪثر ڪري ذهني دٻاءَ سبب جذباتي بگاڙ جو شڪار ٿي ويندا آھن، جنهن ڪري سندن صحت خراب ٿي ويندي آھي، ڇاڪاڻ ته اهڙا ماڻھو نه فقط پنهنجي گهر، مِٽن مائٽن جو وڇوڙو برداشت ڪن ٿا پر پنهنجي ماحول مان به نڪري ٻئي ماحول ۾ هليا وڃن ٿا، جيڪو انهن لاءِ ڀوائتو ماحول هوندو آهي.

پريا ڪماري ڪهڙي ماحول ۾ جيئندي هوندي? يقينن اهو ماحول ڀوائتو هوندو,  هاڻي ته انهن جي مائٽن لاءِ به ماحول ڀوائتو بڻجي چڪو آھي، جيڪي ڪجھ چاهيندي به کلي ڳالهائي نٿا سگهن. هو شايد ان لاءِ به خوف ۾ آھن ته هنن جي کلي ڳالهائڻ سان ڪٿي سندن نياڻي قتل نه ٿي وڃي! هن وقت ساري سنڌ پريا جي بازيابي لاءِ هڪ سگهارو آواز بڻجي اٿي آھي پر افسوس قانون خاموش آھي. حڪومت به سگهارن ماڻھن اڳيان ڄڻ ته بيوس بڻيل آھي. قيدياڻي جي ماءَ جي اکين ۾ اڄ به اوجاڳا آھن. هوءَ ان عرصي ۾ جيءُ ڀري ستي ناهي. هوءَ اڄ به در درين ۽ ڀتين سان ڳالهائيندي رهندي آھي. هن کي اها پڪ آھي ته ڪڏھن نه ڪڏھن پريا اچي سندس  ڀاڪرين پوندي ۽ ھوءَ ان ويلي خوشيءَ ۾ ايترو روئندي، جيترو سانوڻ جو اڪيلو ڪڪر وسندو آھي.