ڪراچي(شوبز نيوز) مشهور اداڪارا ثنا جاويد جي انسٽاگرام اسٽوري سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. ثنا جاويد پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ جي اسٽوري ۾ عالمي شهرت رکندڙ آمريڪي گيت ”بيليوز“ جي وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ گلوڪار کي پُرجوش انداز ۾ ڪنسرٽ ۾ پنهنجن لکين مداحن جي آڏو پرفارم ڪندي ڏسي سگھجي ٿو. ان گيت ۾ جنهن شخص جي ڪهاڻي ٻڌائي وئي آهي اُهو ننڍي عمر ۾ زندگي جي ڏکيائين کي منهن ڏيندي ٽٽي ويندو آهي، هو شديد ڏک ۾ نظم لکندو آهي ۽ ٻڌائيندو آهي ته هن پنهنجي ڏکئي وقت مان سکيو ۽ هو پنهنجي ڏک سور جي شدت سان مضبوط بڻجي ويو. ثنا جاويد جي اها انسٽاگرام اسٽوري سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جتي واهپيدارن پاران اداڪارا تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي