معذوري کي مهڻو نه بڻائڻ گهرجي

0
118
سرحدن تي ڇڪتاڻ ۽ حملا مڪمل بند ڪرايا وڃن

اسان سڀ اها ڳالهه ڄاڻون ٿا ته هن دنيا ۾ رهندڙ سمورا انسان رتبي ۽ مان مرتبي ۾ برابر هوندي به جسماني طور تي برابر نه آهن. ڪي صحتمند آهن ته ڪي بيمار، ڪي طاقتور آهن ته ڪري ڪمزور، ڪي ڏاڍا آهن ته ڪي هيڻا، ڪن جي جسامت تمام ٿلهي آهي جو هو هلي ڦري به نه سگهندا آهن ته ڪي وري ايترا سنهڙا سيپڪڙا آهن جو انهن جي هلڻ گهمڻ تي به حيرت ٿيندي آهي. ساڳئي نموني ڪي انسان جسماني طور تي پورا پنا هوندا آهن تي ڪري وري معذور ٿيندا آهن. حقيقت اها آهي ته ان معذوري ۾ به قدرت جو عمل دخل گهٽ پر انسانن جي ڪوتاهين ۽ ناسمجهي جو حصو وڌيڪ هوندو آهي. تنهن هوندي به اها حقيقت آهي ته اسان جي معاشري ۾ معذور ماڻهو آهن ۽ اها به حقيقت آهي ته انهن کي عام انسانن جهڙي پذيرائي به نه ملندي آهي ۽ نه ئي کين عام طور تي ڪو ٻين انسانن جيان انسان ئي سمجهيو ويندو آهي. وڌ ۾ وڌ مٿن رحم ئي کائيندا آهيون. اها افسوسناڪ صورتحال آهي پر ان سوچ جي موجودگي کان انڪار ڪرڻ ڏينهن جي روشني ۾ سج جي موجودگي کان انڪار برابر هوندو. سڌريل ملڪن ۾ ته معذوري کي عيب نه سمجهيو ويندو آهي ۽ اهڙن ماڻهن کي وڌيڪ ذهين سمجهي انهن جي سارسنڀال به خاص نموني جي ڪئي ويندي آهي. اهڙائي ڪيترائي مثال اسان ڏسي چڪا آهيون. ان مان مشهور مثال ته ناليواري سائنسدان اسٽيفن هاڪنگ جو آهي جيڪو معذور هوندي به دنيا کي بليڪ هول ۽ ڪائنات جي ابتدا هڪ وڏي ڌماڪي سان ٿيڻ جو نظريو ڏئي ويو. اهو به درست نموني چيو وڃي ٿو ته اسٽيفن هاڪنگ يورپ ۾ هو ته سائنسدان ٿي ويو پر جيڪڏهن هو اسان جهڙي ڪنهن ملڪ ۾ هجي ها ته کيس ريڙهي تي رکي پنڻ تي مجبور ڪيو وڃي ها. بدقسمتي سان اسان جي معاشري ۾ معذورن جي قسمت اهائي آهي. پر هاڻ ان صورتحال ۾ تبديلي اچي رهي آهي. اسان وٽ به اهڙا ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي معذور هوندي به مجبور نه آهن ۽ هو پنهنجي جيئڻ جا جتن ڪري رهيا آهن. معاشري ۾ به ٿوري ئي سهي پر اها سوچ ته آئي ئي آهي ته معذورن کي حق ملڻ گهرجن. سندن خيال رکيو وڃي، انهن جي زندگي سکي بڻائي وڃي. ان ڪري ئي هاڻ اسان وٽ به معذورن لاءِ نوڪرين ۾ ڪوٽا به رکيل آهي اها به 2 سيڪڙو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان ٻه سيڪڙو نوڪرين واري ڪوٽا به معذورن کي نه ٿو رکيو وڃي ۽ اهي ويچارا احتجاج تي مجبور آهن. ان سلسلي ۾ اڄ معذورن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو پيو وڃي.

معذور ماڻهن جو عالمي ڏينهن 1992ع جي گڏيل قومن جي قراداد جي مڃتا طور ملهايو ويندو آهي. اهو ڏينهن ملهائڻ جو سلسلو 2006ع کان شروع ٿيو. هي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد ظاهر ۽ لڪيل معذورين کي تسليم ڪرڻ آهي، زندگي ۽ ڪم جي جڳهه ۾ شموليت جي اهميت کي وڌائڻ لاءِ عالمي معذوري واري ڏينهن طور هن ڏينهن جي گڏيل قومن طرفان هر سال  ميزباني ڪئي  ويندي آهي ۽ دنيا جي ڪاروباري اڳواڻن کي همٿ ڏياريندي رهي ٿي  ته هو معذور ماڻهن جي منفرد تعاون کي اهميت ڏين ۽ سندن خدمت ڪن. اسان سمجهون ٿا ته معذورن کي مڪمل انسانن جهڙا حق ملڻ گهرجن. کين نه رڳو نوڪريون ملڻ گهرجن پر ان کان اڳ حڪومت خاص طور تي اهو يقيني بڻائي ته معذورن کي سٺي تعليم ۽ تربيت ملي ۽ هو ٻين کان وڌيڪ سماج جا بهترين فرد ٿي سگهن. کين سماج جي گندگي بڻجڻ کان بچايو وڃي، هنن کي رحم جوڳين نظرن سان ڏسڻ بدران کين سهولتون ڏنيون وڃن ڇاڪاڻ ته اسان کي يقين آهي ته جيڪڏهن معذور انسانن کي سهولتون ۽ موقعا ملن ته هو ڪنهن به معاملي ۾ عام انسانن کان گهٽ نه هوندا پر انهن کان وڌيڪ صلاحيتن جا مالڪ ظاهر ٿيندا. ڇاڪاڻ ته هو انتهائي ذهين هوندا آهن.