ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ميان رضا رباني چيو آهي ته تاج حيدر ڪڏهن به اصولن جي سياست کي نه ڇڏيو. پيپلز پارٽي اڄ به تاج حيدر جهڙن ماڻهن ڪري زنده آهي. ڪالهه هتي آرٽس ڪائونسل ۽ پ پ ڪراچي ڊويزن پاران پ پ سينيٽر تاج حيد جي ياد ۾ ڪوٺايل تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي هن چيو ته معدنيات تي صوبن جو حق آهي، اهي وفاق کي پنهنجا حق ۽ اختيار ڏئي نٿا سگهن. مون کان وڌيڪ تاج حيدر 18 ترميم جو دفاع ڪيو، تاج حيدر هر پليٽ فارم تي سنڌ جي حقن لاءِ وڙهيو ، رضا رباني چيو ته سياست هڪ نئون روپ اختيار ڪيو آهي جنهن ۾ سياسي پارٽيون کوکليون ٿي ويون آهن. جيڪڏهن اسان پنهنجي پارٽي کي مستحڪم رکڻ چاهيون ٿا ته پوءِ اسان کي تاج حيدر جي رستي تي هلڻو پوندو. صوبائي وزير سعيد غني چيو ته پ پ کي تاج حيدر جهڙو اڳواڻ ملي نه سگهندو. آرٽس ڪائونسل جي صدر محمد احمد شاهه چيو ته تاج حيدر هر نسل، مذهب ۽ ٻولي سان هڪجهڙو سلوڪ ڪندو هو. تاج حيدر پاڻ ڊراما لکيا ۽ ڪيترائي ڊراما پڻ پيش ڪيا. احمد شاهه چيو ته تاج حيدر ڊجيٽل ميڊيا ۽ ادب جي طاقت کي ڄاڻندو هو. کيس خبر هئي ته اسٽريٽ پاور لاءِ به ڊجيٽل ميڊيا جي ضرورت آهي. تعزيتي ريفرنس کي تاج حيدر جي گهر واري ناهيدم تاج حيدر جي ڀيڻ ۽ سماجي اڳواڻ صادقه صلاح الدين، غازي صلاح الدين ۽ ٻين خطاب ڪيو