ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻن سڳن ڀائرن سميت 14 ڄڻن گم ٿيل شهرين جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي، سرڪاري وڪيل چيو ته جن گم ٿيل ماڻهن جي جبري گمشدگي جو تعين ٿي چڪو آهي انهن کي معاوضو ڏنو پيو وڃي، سرڪاري وڪيل جي بيان تي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، عدالت چيو ته اسانکي معاوضو نه پر گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي سان مطلب آهي، گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن، عدالت آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز، وفاقي ۽ سنڌ حڪومتن کان تازيون رپورٽس طلب ڪري ورتيون، عدالت ايف آءِ  اي کان گم ٿيلن بابت ٽريول هسٽري به طلب ڪئي، عدالت چيو ته ڪيترن ئي ڪيسن ۾  جي آءِ ٽيز جا 24 , 24 اجلاس ٿي چڪا آهن، ايترن اجلاسن باوجود گم ٿيل ماڻهن جو ڪو پتو ناهي لڳايو ويو، اها حيرت جي ڳالهه آهي. سرڪاري وڪيل چيو ٻن سڳن گم ٿيل ڀائرن جي وارثن کي معاوضو ڏنو پيو وڃي، عدالت پاران ستار ايڊووڪيٽ جي پٽ نور محمد ۽ ڊرائيور قادر جي بازيابي لاءِ پوليس کي جوڳا قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو ويو، جاچ آفيسر چيو ته گم ٿيل شهري نور محمد جي وارثن سان ڪيترائي ڀيرا رابطو ڪيو پر هو سهڪار نه ڪري رهيا آهن، عبدالستار ايڊووڪيٽ جا ڊي اين اي سيمپل وٺڻا آهن، عدالت محمود آباد واري علائقي مان گم ٿيل ماءُ ۽ پٽ جي بازيابي بابت درخواست تي وڪيل کان دليل طلب ڪري ورتا، عدالت درخواستن تي ٻڌڻي 22 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.