معاهدو شايد ٿئي، ايران لاءِ خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي ويندي : ٽرمپ

0
18
معاهدو شايد ٿئي، ايران لاءِ خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي ويندي : ٽرمپ
معاهدو شايد ٿئي، ايران لاءِ خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي ويندي : ٽرمپ

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان ملاقات دوران اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا ڇنڇر تي ايران سان ايٽمي پروگرام جي حوالي سان سڌيون ۽ اعليٰ سطحي ڳالهيون شروع ڪندو. اوول آفيس ۾ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسان ايران سان سڌيون ڳالهيون ڪري رهيا آهيون. شايد ڪو معاهدو ٿي وڃي، تمام سٺو لڳندو، اسين ڇنڇر تي اعليٰ ترين سطح تي تمام اهم ملاقات ڪري رهيا آهيون. ٽرمپ جو وڌيڪ چوڻ هو هن وقت اهڙا ملڪ آهن، جن وٽ ايٽمي هٿيار آهن، انهن وٽ اهي نه هئڻ گهرجن. اڳتي هلي ان بابت ڳالهيون ٿينديون. لڳي ٿو ايران ايٽمي معاهدو نه ڪندو، صدر ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن ايران سان معاهدو ڪامياب نٿو ٿئي ته تهران لاءِ تمام خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي.