اسلام آباد (بيورو رپورٽ)بين الحڪومتي بنيادن تي مختلف ملڪن سان اهم معاهدن جو معاملو، وزيراعظم انٽر گورنمينٽل ٽرانزيڪشنز بابت ڪابينا ڪاميٽي جي سربراهي ناڻي وزير کان واپس وٺي ڇڏي، نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ڪاميٽي جي نئين سر جوڙجڪ ڪندي نجڪاري بابت وفاقي وزير کي ڪاميٽي جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ذريعن مطابق نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد کي نجڪاري ڪميشن جو قلمدان سونپڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وزيراعظم جي هدايت تي انٽرگورنمينٽل ٽرانزيڪشنز بابت ڪابينا ڪاميٽي جي نئين سر جوڙجڪ جي وفاقي ڪابينا کان سمري سرڪيوليشن ذريعي منظوري حاصل ڪئي وئي.