معاملو آهي ‘فوڊ سيڪيورٽي’ جو!

0
188
سنڌ خيرَ جي خبر لاءِ سِڪي وئي آهي!

اهو ڪو پهريون ڀيرو ناهي ته سنڌ جي خوراڪ کاتي جا عملدار نا اهليءَ جو مظاهرو ڪندي ڏٺا ويا هجن! اهي آثار هن وقت ئي چِٽا ۽ واضح ٿيڻ لڳا آهن ته، هر سال وانگر هن سيزن ۾ به سنڌ جو خوراڪ کاتو ڪڻڪ خريداري جو ٽارگيٽ پورو ڪري نه سگهندو، جنهن ڪري اٽي جي شديد بحران پيدا ٿيڻ جا امڪان وڌي ويا آهن. خوراڪ کاتو لڳ ڀڳ پوڻن ٻن مهينن جي عرصي ۾ ڪڻڪ جي خريداريءَ جي مقرر ڪيل ٽارگيٽ جو 35 سيڪڙو مس خريد ڪري سگهيو آهي. توڙي جو حڪومت هن سال ٽارگيٽ ۾ واڌ ڪرڻ بدران گذريل سال وارو ساڳيو ٽارگيٽ 14 لک ٽن مقرر ڪيو هو پر عوام جي ٽيڪسن جي ناڻي تي چٽي بڻيل خوراڪ کاتي جا عملدار ان عرصي ۾ 4 لک، 95 هزار ٽن ڪڻڪ مس خريد ڪري سگهيا آهن.

سنڌ جو زرعي شعبو ڪئين ڏهاڪن کان شديد بحرانن جو شڪار رهندو اچي. پاڻيءَ جو منصفاڻو حصو نه ملڻ ڪري، پاڻيءَ جي کوٽ سبب آبادگار ٽيوب ويل هلائڻ تي مجبور آهن، ۽ ٻارڻ جون قيمتون وڌيڪ هجڻ جي ڪري پيداوار جي في ايڪڙ لاڳت وڌيڪ اچي ٿي. ان بحران کي مهميزون وري سنڌ جا منتظمين هڻن ٿا، جيڪي ڪمند جي پيڙائي وقت سر نٿا ڪرائي سگهن ۽ پاسما جي اڳيان مجبور آهن. ڪمند جي وقتائتي ڪٽائي نه ٿيڻ ڪري ان زمين تي ڪڻڪ پوکجي نه سگهندي آهي ۽ ڪڻڪ جو فصل لهندي ئي آبادگارن جون بارداني لاءِ دانهون شروع ٿي وينديون آهن. حد ته اها آهي جو بارداني لاءِ به آبادگارن کي سياسي سفارش ۽ ‘پرچي’ گهربل هوندي آهي. باردانو نه ملڻ جي ڪري ننڍا آبادگار مجبور ٿي گهٽ اگهه تي ڪڻڪ مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪندا آهن. سنڌ جي ڪڻڪ لهندي ئي خوراڪ کاتي کي سرڪاري خريداري مرڪز قائم ڪرڻ گهرجن، پر ائين ناهي ٿيندو. هٿ وٺي خريداري مرڪز قائم ڪرڻ ۾ دير ڪري ٻين صوبن جي واپارين کي اهو موقعو ڏنو ويندو آهي ته اهي ڪڻڪ خريد ڪن، ذخيرا اندوزي ڪندڙن جي به سهولتڪاري ڪئي ويندي آهي ته اهي گهٽ اگهه تي ڪڻڪ خريد ڪري ذخيرو ڪن. ظاهر آهي ته اهو سڀ ڪجهه ‘غير مشروط’ طور تي ته ڪونه ٿيندو هوندو! جڏهن گهڻي ڪڻڪ صوبي کان ٻاهر نڪري ويندي آهي ته پوءِ خوراڪ کاتي جا عملدار پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکارڻ لاءِ ڇاپا هڻڻ شروع ڪندا آهن. هن ڀيري به ائين ئي ڪيو پيو وڃي. پوڻن ٻن مهينن ۾ خوراڪ کاتو 14 لک ٽن خريداريءَ واري ٽارگيٽ مان صرف 4 لک، 95 هزار ٽن ڪڻڪ خريد ڪري سگهيو آهي، جنهن مان به 50 هزار ٽن اها ڪڻڪ آهي، جيڪا خوراڪ کاتي جي عملدارن واپارين جي گُدامن ۽ فلور ملن تي ڇاپا هڻي پڪڙي آهي، باقي جيڪا حقيقي خريداري آهي، اها 4 لک، 45 هزار ٽن مس آهي. ان ڪارڪردگيءَ کي ڇا چئجي؟ سنڌ مان ڪڻڪ بلوچستان ۽ پنجاب رستي افغانستان اسمگل ٿئي ٿي. اها اسمگلنگ به خوراڪ کاتي، روينيو کاتي ۽ پوليس جي ساٿ ۽ سهڪار کان سواءِ ڀلا ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿي؟ هاڻي جڏهن ڪڻڪ صوبي مان گهڻي ڀاڱي ٻاهر وڃي چڪي هجي ته خوراڪ کاتي جي سڄي سرگرمي گُدامن ۽ فلور ملز تي ڇاپن تائين محدود هجي، اهڙي صورتحال ۾ خريداري ٽارگيٽ ڪيئن پورو ٿي سگهندو؟ ظاهر آهي ته ان نا اهليءَ جو نتيجو اٽي جي شديد بحران جي صورت ۾ سامهون اچڻو آهي.

سنڌ ۾ ڪڻڪ جي خريداريءَ جو ٽارگيٽ پورو نه ٿي سگهڻ ڪو اهڙو معاملو نه آهي، جنهن کي آسانيءَ سان نظر انداز ڪري ڇڏجي، ڇو ته ان سان فوڊ سيڪيورٽي جو معاملو سلهاڙيل آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪڻڪ جي خريداريءَ جو عمل تيز ڪيو وڃي. خريداري مرڪز قائم ڪرڻ ۾ دير لاءِ ذميوار عملدارن خلاف سخت قدم کنيو وڃي ته جيئن وري ان نا اهليءَ جو ورجاءُ نه ٿئي. جڏهن خريداري ٽارگيٽ پورو نه ٿيڻ سبب اٽي جو بحران ٿيندو ته اٽي جا اگهه وڌندا، جيڪو عوام جي کيسي تي ڌاڙو نه آهي ته ڀلا ٻيو ڇا آهي؟