پي ٽي آءِ، جيڪا ھڪ ئي وقت فِفٿ جنريشن وار سميت مختلف “محاذن” تي حڪومت کي مصروف رکندي پئي آئي، اھا نيٺ معاملن جي اھميت سمجھندي وفاقي حڪومت سان ڳالھين لاءِ راضي ٿي وئي آهي. حڪومت ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي وچ ۾ رابطا ٻيهر بحال ٿي وڃڻ جون خبرون آهن. اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادق سان پي ٽي آءِ اڳواڻن اسپيڪر هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڳالهين لاءِ پارليامينٽ جي فورم کي استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. حڪومت ۽ تحريڪ انصاف جي وچ ۾ ڳالهيون بغير ڪنهن اڳواٽ شرطن جي ٿينديون. ڳالهين جو مقصد ملڪ ۾ سياسي بيچيني ۽ ھلندڙ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ هوندو، ۽ جلد ئي ٻئي ڌريون صلاح مشوري سان ڳالهين واري ڪميٽيءَ جي ميمبرن جا نالا ڏينديون. پي ٽي آءِ ڳالهين لاءِ پنهنجن اڳواٽ مطالبن تان پوئتي هٽي وئي آهي. اھا 9 مئي ۽ 26 نومبر جي واقعن تي جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي گُهر ڪري ٿي.
پي ٽي آءِ ملڪ جي سياسي ماحول ۾ ٻڙڌڪ مچائڻ ۽ ڇڪتاڻ واري سياست جي حوالي سان سُڃاڻپ رکي ٿي ۽ مفاھمت توڙي روين ۾ لچڪ نه رکڻ سبب انکي سياسي نقصان به ڀوڳڻو پيو آهي. اھا ھڪ پاسي اسٽيبلشمينٽ تي سندس مرڪزي حڪومت جي خاتمي جا الزام لڳائيندي رھي آهي، ته ٻئي طرف سياسي ڌرين سان ڳالھين کان انڪار ڪندي وري به اسٽيبلشمينٽ سان ڳالھين جي گھر ڪندي، سول نافرماني جي تحريڪ ھلائڻ سميت دٻاءَ جون مختلف اٽڪلون استعمال ڪندي رھي آهي. ھن ڀيري سياسي قيادت سان ڳالھيون ڪرڻ ۽ ڳالھين لاءِ پارليامينٽ جو فورم استعمال ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو ويو آهي، جيڪا ساراھ جوڳي ڳالھ آهي. اسان ان راءِ جا آھيون ته، سياسي پارٽين جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪنهن به ملڪ جي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي استحڪام لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿي. پاڪستان جهڙن ملڪن ۾، جتي مختلف نظريا، مفاد ۽ مسئلا عوام ۽ سياسي قيادت کي ورهايل رکندا آهن، اتي ڳالهه ٻولهه ئي اهو ذريعو آهي، جيڪو اختلافن کي ختم ڪري سگهي ٿو ۽ هم آهنگي کي مضبوط ڪري سگهي ٿو. سياسي پارٽين جو هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ نه رڳو جمهوري عمل کي مضبوط بڻائيندو آهي، پر اهو عوام ۾ اعتماد جو احساس پيدا ڪندو آهي. ضروري آهي ته سياسي پارٽيون ذاتي ۽ گروهي مفادن کان اڳتي وڌن ۽ هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪن، جيڪو ڳالهه ٻولهه، صبر ۽ هڪ ٻئي جي موقف کي ٻڌڻ تي مبني هجي. اهو ئي عمل ملڪ کي سياسي استحڪام، اقتصادي ترقي ۽ عالمي سطح تي عزت جي راھ تي اڳتي وٺي وڃي سگهي ٿو. سياسي اتفاق ۽ اتحاد ڪنهن به معاشري جي استحڪام ۽ ترقي لاءِ اهم حيثيت رکي ٿو. جڏهن سياستدان ۽ حڪمران سياسي اتفاق کي نظرانداز ڪندا آهن، ته ان جا نتيجا نه صرف قومي مفادن تي اثرانداز ٿيندا آهن، پر عوامي خوشحالي ۽ مستقبل تي به ناڪاري اثر ڇڏيندا آهن. سياسي اتفاق کي نظرانداز ڪرڻ سان ڪيئي اهم مسئلا پيدا ٿين ٿا. سياسي اتفاق جي کوٽ ملڪ ۾ سياسي عدم استحڪام پيدا ڪري ٿي. مثال طور، پاڪستان ۾ 1971ع دوران سياسي اتفاق جي کوٽ سبب ملڪ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. اوڀر پاڪستان جي عوام کي ان وقت جي حڪومت کان شڪايت هئي ته انهن جي مفادن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. سياسي اتفاق جي نظرانداز ٿيڻ سان معاشي پاليسيون اڻپوريون ۽ غير مؤثر ٿي سگهن ٿيون. 2014ع ۾ پاڪستان ۾ ڌرڻن ۽ احتجاجن جي صورتحال پيدا ٿي، جيڪا سياسي جماعتن جي وچ ۾ اختلافن جي نتيجي ۾ سامهون آئي. ان وقت ملڪ کي اربين ڊالرن جو معاشي نقصان ٿيو ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن جو اعتماد گهٽجي ويو. سياسي اتفاق نه ٿيڻ سان ادارن تي دٻاءُ وڌي ٿو ۽ اهي ڪمزور ٿين ٿا.
اسان پي ٽي آءِ ۽ حڪومت جي وچ ۾ سياسي ڳالھ ٻولھ ڏانھن وک وڌائڻ ۽ “اسٽريٽ پاور” بدران پارليامينٽ جي فورم جي استعمال واري راضپي جي عمل کي ساراھيون ٿا. ھر معاملي جو حل وري به “محاذ” بدران “ميز” تي ئي نڪرڻو آهي، ان ڪري اھو ئي طريقو ملڪي مفاد ۾ آهي.