ڪراچي(م ڊ) معاشي ماهرن ۽ دانشورن چيو آهي ته ڊالر ۽ روپئي جو بحران ته آهي پر اسان تي ڪو ڀروسو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، معاشي طوفان هر شئي پاڻ سان گڏ کڻي ويندو ڪامورن جا خرچ گهتائڻا پوندا، گرانڊ ڊائيلاگ ٿيڻ گهرجي ٽائيم نيوز جي مقبول پروگرام ويوز ٽائيم جي خصوص ايڊيشن ۾ ملڪ ۾ تيزي سان وڌندڙ مهانگائي ۽ معاشي عدم استحڪام ۽ غير يقيني جي صورتحال تي معاشي ماهرن ۽ دانشورن ڳالهايو. معاشي ماهر عابد سلهري چيو ته حڪومت کي سخت فيصلا ڪرڻا پوندا، وچولي ۽ هيٺئين طبقي جن تي سڌوسنئون مهانگائي جو ٻار ٿو پوي انهن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جيان مختلف طريقن سان ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏيڻي پوندي. هن چيو ته ملڪ ۾ بحراني صورتحال آهي، پهريون ڀيرو ڊالر جي کوٽ پيدا ٿي آهي، جيڪو وڏو بحران آهي. روس سان نوان معاهدا ڪرڻ تي به آمريڪا اسان کان حساب وٺندو. اسان کي آمدني ۽ خرچ برابر ڪرڻو پوندو ۽ ايڪسپورٽ جي شعبي ۾ به سڌارن جي ضرورت آهي ائٽمي طاقت هجڻ جي ڪري آمريڪا کي اسان جي معاشي عدم استحڪام تي ڳڻتي آهي. اڳوڻي سفير ۽ نامياري تجزيي ڪار ڊاڪٽر جميل احمد خان جو چوڻ هو ته ان طوفان کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت وت ڊگهي مدي واري پلاننگ شايد هجي پر شارٽ ٽرم ڪا به اسڪيم يا پلاننگ ناهي، جيڪڏهن اهو طوفان نه روڪيو ويو ته سڀ ڪجهه تباھ ڪري ڇڏيندو. هن تجويز ڏني ته مختلف ملڪن ۾ اسان جي سفارتخانن کي پاڪستاني شين جي مارڪيٽنگ ڪرڻي پوندي ان سان فوري طور ڊالر ۾ ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو.  نامياري دانشور نصير ميمڻ چيو ته لڳي ٿو اسان کي پنجاھ سال اڳ واري زندگي ڏانهن موٽڻ جي تياري ڪرڻي پوندي. هاڻوڪو بحران ڪو عام نوعيت جو بحران ناهي، حالتن کي ڏسندي سعودي، عرب امارات ۽  چين جهڙا دوست ملڪ به منهن ڦيري ويا آهن. آئي ايم جهڙو ادارو اوڌر ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ته ڪير به نه ڏيندو. حڪومت جي خاموشي ويتر مونجهارا پيدا پئي ڪري. سرڪار کي ٻڌائڻ گهرجي ته سعودي ۽ چين سان ڪهڙيون ڳالهيون پيون هلن. حڪومت معاملي جي سنگيني جو نوٽيس نه ورتو ته تباهي ايندي. وقت اچي ويو آهي ته پنهنجا جهيڙا جهٽا وساري ملڪ لاءِ سوچڻ شروع ڪيون. جيڪڏهن ملڪ جو ٻيڙو ٻڏو ته نه امير نه غريب، نه سادو نه ڏنگو ڪير به نه بچندو نامياري دانشور پروفيسر انعام ڀٽي جو چوڻ هو ته موجوده ڏکي صورتحال جو وڏو سبب اهو آهي جو جن ملڪن جي آسري ۾ هئاسين، خاص ڪري آمريڪا اتي به حالتون خراب آهن. بئنڪون ايل سيز نه ٿيون کولن جنهن ڪري انڊسٽريز بند پيون ٿين الميو اهو آهي ته اسان تيزي سان ڏيوالي طرف وڌون پيا ۽ حڪومت سوچيو ئي ناهي ته ڪنداسين ڇا. جيستائين طاقتور ڌرين جا خرچ نه گهتائبا بهتري ڪانه ايندي.