اسلام آباد (بيورو رپورٽ) خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪاميٽي جو اجلاس، معاشي ۽ انتظامي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ ملڪي معيشت جي ترقي لاءِ روڊ ميپ جوڙيو ويو، نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نگران حڪومت جي گهٽ مدي باوجود اسان کي معاشي بحالي جي منصوبي تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو آهي، پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ ملڪ جي معاشي بحالي، ڪاروباري سرگرمين ۽ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪاميٽي جو پنجون اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ آرمي چيف، عبوري وفاقي ڪابينا، صوبائي وڏن وزيرن ۽ لاڳاپيل اعليٰ سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن لاڳاپيل شعبن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي ملڪ ۾ مقامي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن جي خاتمي لاءِ حڪمت عملي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ معاشي ۽ انتظامي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ ملڪي معيشت جي ترقي جي لاءِ روڊ ميپ جوڙيو ويو. اجلاس کي ريگيوليشن موثر ۽ تيز بڻائڻ جي پلان تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل تحت معاشي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ گهٽ، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري منصوبابندي تي مشاورت ٿي. نگران وزيراعظم ان حوالي سان عملي قدمن جي منظوري ڏني ۽ هدايت ڪئي ته انهن تي عملدرآمد مقرر مدي ۾ يقيني بڻايو وڃي، وزير انهن قدمن تي عمل يقيني بڻائين. نگران وزيراعظم چيو ته نگران حڪومت جي گهٽ مدي باوجود اسان کي معاشي بحالي جي منصوبي تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو آهي، انهن قدمن جي لاڳو ٿيڻ سان ايندڙ چونڊيل حڪومت کي به ملڪي معيشت جي بحالي جي پروگرام تي عملدرآمد ۾ آساني ٿيندي. اجلاس کانپوءِ سڌ سماءَ جي نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته حڪومت عالمي ادارن سان ٿيل معاهدن تي عملدرآمد جاري رکندي، پر معاهدن جو غلط استعمال ٿي رهيو آهي ۽ ان جي ڪري ملڪ کي نقصان ٿي رهيو آهي ته ان حوالي سان به اجلاس تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، خساري وارن ادارن کي خانگائڻ جو عمل جاري رکڻ جو به اختيار آهي، تفصيل موجب نگران ناڻي وزير ۽ توانائي ۽ ڪامرس جي نگران وزير سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته خصوصي سرمائيڪاري سهولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪاميٽي جي ٻن ڏينهن واري اجلاس جو پهريون ڏينهن هو، اجلاس جو ٻيو سيشن اڄ (ڇنڇر ڏينهن) ٿيندو، خصوصي سرمائيڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جا ٽي وڏا مقصد انفارميشن ٽيڪنالاجي، مائننگ ۽ زراعت تي ڌيان ڏيڻ آهي، ايس آءِ ايف سي جي ايپڪس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ حڪومتي خرچن ۽ گردشي قرضن کي گهٽ ڪرڻ، نجڪاري جي عمل کي بهتر بنائڻ ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام سميت ٻين مسئلن تي غور ٿيو، حڪومتي خرچ گهٽ ڪرڻ لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن، جڏهن ته پرڏيهي سرمائيڪاري جي حوالي سان رڪاوٽن کي دور ڪيو ويندو ۽ ويزا پاليسي ۾ بهتري آندي ويندي، اسمگلنگ جي روڪٿام تي به ڪم ڪيو پيو وڃي، هڪ سوال تي هن چيو ته گذريل حڪومت جيڪي فيصلا ڪري وئي آهي، انهن تي عمل ڪنداسين، هن چيو ته حڪومت عالمي ادارن سان ٿيل معاهدن جو احترام ڪري ٿي اجلاس ۾ ٿيندڙ فيصلن جا تمام تفصيل ميڊيا جي سامهون اچي ويندا. توانائي جي وفاقي وزير محمد علي چيو ته گردشي قرض تمام گهڻا ٿي ويا آهن، ڪمپنيون ملڪ ڇڏي هليون ويون، آءِ ايم ايف پاران بجلي جي اگهن ۾ رعايت واري پلان تي ايندڙ هفتي جواب ڏنو ويندو، وفاقي وزيرن چيو ته ملڪ ۾ 2 ملين ٽن کنڊ واڌو موجود هئي، کنڊ جي کوٽ جو ڪوبه جواز نٿو ٺهي، حساس ادارن سوڌو سموري ادارا کنڊ جي اسمگلنگ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ حرڪت ۾ اچي ويا آهن