معاشي ترقي، سماجي تبديلي ۽ سياسي ا ختيار جو ڳانڍاپو

0
106
معاشي ترقي، سماجي تبديلي ۽ سياسي ا ختيار جو ڳانڍاپو

 هڪ اڻ ٽر حَقيقت اها آهي ته فرد توڙي گروهه بنا معاشي پاڻڀرائيءَ جي پنهنجي انفرادي توڙي اجتماعي مفادن جي نگھباني نه ڪري سگھندا آهن. معاشي پاڻڀرائي، سياسي اختيار  لاءِ سوچڻ ۽ جاکوڙڻ جي صلاحيت کي وڌائيندي آهي. هڪ مرحلي تي اچي سياسي اختيار ۽ معاشي پاڻڀرائي هڪ ٻئي کي سهارو ڏيندا آهڻ ۽ ٻئي هڪ ٻئي کي سگهارو ڪندا آهن. اسان وٽ سطحي سوچ ۾ ڦاٿل ڪي ذهن سياسي اختيار کي اقتدار جي هوس ۽ معاشي پاڻڀرائيءَ کي پئسي ڪمائڻ جو جنون قرار ڏئي هڪ بنيادي حقيقت کان انڪار ڪري رهيا هوندا آهن. ڪير ڪيئن به سوچي يا چئي، اٽل حقيقتون برقرار رهنديون آهن.

 1947ع کانپوءِ سنڌ واسين کي مليل نالي ماتر سياسي اختيار به ڦرجي ويو ته معاشي پاڻڀرائي به هٿن مان هلي وئي. درحقيقت سنڌ جي سمورن مسئلن جي پاڙ اتي ئي آهي. پاڪستان ٺهڻ وقت خان بهادر ايوب کهڙو سنڌ جو پريميئر ٿيو پر مرڪزي حڪومت کيس سياسي اختيار ڏيڻ کان انڪار ڪيو. جڏهن هن سنڌ جي سياسي اختيار لاءِ ضد ڪيو ته کيس هٽائي ڦٽو ڪيو ويو. ساڳي طرح سنڌ مان هندو ڪميونٽي جي لڏپلاڻ ۽ ڪراچيءَ سميت سنڌ جي معاشي مرڪز بڻيل ٻين شهرن جون ملڪيتون ۽ ڪاروبار ٻاهرين ماڻهن جي حوالي ٿي وڃڻ سان سنڌ واسي معاشي پاڻڀرائي به وڃائي ويٺا. رهي سهي ڪسر ون يونٽ کان پوءِ بئراجن تي آباد ٿيندڙ لکين ايڪڙ زرعي زمينون ٻاهرين جي حوالي ٿيڻ سان نڪري وئي. سنڌي واسين جي هٿن مان ڦريل سياسي اختيار ۽ معاشي پاڻڀرائي اڃا تائين واپس نه ٿي سگهي آهي. ان وچ ۾ البته سنڌ اندر ابن الوقت وڏيري طبقي کي نالي ماتر سياسي طاقت (صوبيداري جي مقرريءَ کان وٺي هاڻي نوڪريون ورهائڻ تائين) ۽ مالي سگهه (بئنڪن جي قرضن تائين پهچ) ضرورت آهر فراهم ڪئي وئي ته جيئن سنڌ اندر هڪ وفادار ٽولو ساهه کڻندو رهي. باقي عوام جي گهڻائي سڄو وقت پنهنجي جياپي لاءِ هٿ پير هڻندي رهي.

سنڌ جون قومپرست ڌريون کيسا ۽ هٿ خالي هجڻ سبب چندي ۽ امدادن تي پنهنجي حال کان وڌيڪ جاکوڙينديون هيون پر سنڌ ۾ معاشي طور سگھارو وچولو طقبو نه هجڻ سبب سنڌ جا وڏا توڙي وچولا شهر عملي طور ٻاهرين ماڻهن جي قابو ۾ رهيا. 70ع واري ڏهاڪي کان پوءِ ڀٽي صاحب جي واهر سان وچولي طبقي جنم ورتو پر اهو پنجاهه ورهيه گذرڻ کانپوءِ به گهڻو  تڻو سرڪاري نوڪرين جي پٺيان آهي. ننڍن شهرن ۾ هيٺين سطح جا ڪاروبار ٿورا گھڻا ماڻهو ڪن ٿا پر وڏن شهرن ۾ صنعت، شپنگ، ريئل اسٽيٽ، ٽرانسپورٽ، امپورٽ ايڪسپورٽ، اسٽاڪ ايڪسچينج وغيره ۾ سنڌ واسين جو انگ تمام گھٽ آهي. جيئن ته صنعت ۽ ڪاروبار جو مرڪز وڏا شهر آهن تنهن ڪري سنڌ جي معاشي سرگرميءَ ۾ اسان جو حصو بنهه ٿورو آهي. زرعي شعبي ۾ به اسان جي گهڻائي کيت مزدور تائين آهي جيڪو ڪچو مال شهري مارڪيٽ کي فراهم ڪري ٿو پر ويليو ايڊيڊ جي صلاحيت ٻين وٽ آهي. ان کي هيئن سمجھو ته ڦٽي ڀلي ٻهراڙين ۾ اپائجي پر ان تي في مڻ جيتري ڪمائي ٿيندي ان کان ڏهوڻ کان وڌيڪ ڪراچيءَ ۾ گارمينٽ صنعت جي هڪ ننڍي يونٽ جو مالڪ ڪمائي رهيو هوندو. ڦٽي اپائيندڙ جا گهر ڀاتي فصل جي ڪمائي وري ان ئي گارمينٽ صنعت جي ٺاهيل ڪپڙي ڳنهڻ ۾ لڳائيندا. معنيٰ ته اپائيندڙ عملي طور جيڪا ڪمائي ڪندو اها به واپس شهري معيشت ۾ ڪنزيومر (واهپيدار) طور خرچ ڪندو. پاڻ حساب لڳايو ته مارڪيٽ تي عملي طور قبضو ڪنهن جو رهندو؟ اهو ئي چڪر هر شعبي ۾ هلي ٿو. ان چڪر ۾ گول ڦرندڙ سنڌي سماج ڪچو مال پيدا ڪندڙ ۽ واهپيدار طور خرچ ڪندڙ آهي باقي موڙي شهر جي ڪارخانيدار سندس مڊل مين ۽ دڪاندار جي کيسي ۾ رهندي. سنڌ واسي ان گول چڪر ۾ ڏهاڪن کان ڦرندا رهن ٿا ۽ ٻاهر نه پيا نڪري سگھن.

معيشت جي ان سادي وصف کي معاشيات جا ڪيترائي منجهيل مامرا حل ڪرڻ جو بنياد تصور ڪرڻ گھرجي. هڪ ڳالهه ان معاملي ۾ اهم آهي ته ڪجهه به ٿي پوي پر مارڪيٽ جي اصل سگهه واهپيدار/خريدارهوندو آهي. البته جيڪڏهن واهپيدار ڪنهن پليٽ فارم تي منظم ناهي ۽ گڏيل عمل ڪرڻ جي سگھه نٿو رکي ته پوءِ اهو ڪمزور ئي رهندو ڀلي ان جو انگ ڪروڙن ۾ ڇو نه هجي.  سنڌ واسي هڪ پاسي معاشي ڍانچي ۾ رڳو واهپيدار (Consumer) آهن ته ٻئي پاسي مارڪيٽ جي معاملي ۾ وٽن گڏيل فيصلي جي سگھه به ناهي. ان ڪري نه هو معاشي طور پاڻڀرا ٿين ٿا ۽ نه سياسي اختيار حاصل ڪري سگھن ٿا.

سوال اهو آهي ته پوءِ ڇا ڪجي؟ سڀ کان پهرين سوچ جي سِمت ٺيڪ ڪجي. بدقسمتيءَ سان سنڌ ۾ سنجيده ڳالهه ٻولهه لاءِ جاءِ نه هجڻ جي برابر آهي. اوهان ڪو خيال پيش ڪيو ته ڪي ٻه چار همراهه بجاءِ دليل ۽ بحث جي فتوائن جو پٿراءَ شروع ڪري ڏيندا، پر انهن سطحي سوچن ۾ ڦاسي ورنديون ڏيڻ ۽وقت وڃائڻ بجاءِ پنهنجو ڪم ڪندو رهجي.

سنڌين وٽ اڄوڪي دور جي شهري معيشت جو حصو بنجڻ کان سواءِ اڳتي وڌڻ جو ڪو رستو ناهي. سنڌ جو حڪمران جاگيردار طبقو اربين رپيا خيراتي سرڪاري پروگرامن ۾ ته لڳائڻ لاءِ تيار آهي پر اهو سنڌ جي ٻهراڙين ۾ صنعتي ۽ ڪاروباري ترقيءَ جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ان کي ٻهراڙين ۾ زرعي سماج جو غلام انبوهه پنهنجي اقتدار لاءِ ٿوڻين طور گھرجي. اهو ئي سبب آهي جو اهو طبقو ٻهراڙين ۾ تعليم به سڌرڻ نٿو ڏئي. ان جي عيوض هر سال پنجويهه ٽيهه هزار ماستريون، ڪلارڪيون ۽ پوليس سپاهين جي نوڪرين جي ديڳ لاهي عوام کي روزگار ڏيڻ جو ناٽڪ ڪري ٿو. سنڌي نوجوانن کي سرڪاري نوڪري جي خواهش ذهني طور مفلوج ڪري ڇڏيو آهي. ان چڪر ۾ سنڌي نوجوان شهري معيشت ڏانهن منهن ئي نٿو ڪري. نتيجي ۾ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ سياسي، سماجي ۽ معاشي جمود برقرار رهي ٿو. سنڌ جي آبادي گھٽ ۾ گھٽ پنج ڪروڙ (اصل ۾ شايد ڇهه ڪروڙ) آهي. جيڪڏهن ٻه سيڪڙو آبادي واڌ مڃجي (جيڪا پڻ اصل کان گھٽ آهي) تڏهن به هر سال ڏهه لک ماڻهو مارڪيٽ ۾ روزگار لاءِ داخل ٿيندا. سرڪار ڇيهه ڪندي تڏهن به پنجاهه هزار کان وڌيڪ نوڪريون نه ڏئي سگھندي. آخر باقي ساڍا نَوَ لک ماڻهو گذر سفر ڪٿي ڪندا؟ انهن ۾ سڀ پڙهيل لکيل به نه هوندا جو خانگي شعبي ۾ نوڪريون حاصل ڪري سگھن. ياد رهي ته خانگي شعبو هڪ ماڻهوءَ کان ٽن جو ڪم وٺندو آهي تنهن ڪري اتي به ڪي لکين نوڪريون پيدا نه ٿينديون. گهڻي ڀاڱي خانگي شعبو شهرن ۾ آهي جتي صنعت ۽ ڪاروباري سرگرميءَ جو مرڪز آهي. ان شعبي کي ڊوميسائيل ۽ ڊگريءَ کان وڌيڪ ڄاڻ ۽ هنر جي ضرورت آهي. جيستائين اسان جو نوجوان ڊگريءَ سان گڏ ڪو صنعتي هنر نه سکندو ان کي وڌ ۾ وڌ هيٺين سطح جي ليبر جي نوڪري مس ملي سگھندي.

ٻيو پاسو آهي اهي ننڍا شهري ڪاروبار ڪرڻ جو جنهن لاءِ وڏي سيڙپ يا هنرن کان وڌيڪ گھڻي محنت ۽ مستقل مزاجيءَ جي ضرورت آهي. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ روزگار جا اهڙا موقعا لکن ۾ آهن. جيئن جيئن شهرن جي آبادي وڌندي اهي موقعا اڃا به وڌندا.

اربن ريسورس سينٽر جي تحقيق موجب رڳو ڪراچيءَ جي مارڪيٽ ۾ ڏيڍ لک گھٽين جا ڪاروبار هلن ٿا جن جي سالياني آمدني 45 ارب رپيا آهي. اسٽارٽ اپ پاڪستان جي ويب سائيٽ تي موجود هڪ رپورٽ موجب پاڪستان ۾ هڪ اسٽريٽ وينڊر (گھٽيءَ ۾ننڍو ڪاروبار ڪندڙ جنهن ۾ دڪاندار شامل ناهي) سراسري طور ماهوار 114708رپيا ڪمائي ٿو، جنهن ۾ 29 سيڪڙو منافعو شامل آهي. ان قسم جا ڪيترائي انگ اکر موجود آهن جيڪي ظاهر ڪن ٿا ته شهرن ۾ ننڍا ڪاروبار ۽ صنعتي هنر چڱي ڀلي نوڪريءَ کان وڌيڪ ڪمائي ڏين ٿا.

جيڪڏهن سنڌ جون سياسي ۽ سماجي ڌريون هڪ منظم مهم هلائي نوجوانن کي اتساهن ۽ کين شهرن ۾ ڪجھه واهر فراهم ڪن ته هر سال هزارين نوجوان شهرن ۾ روزگار حاصل ڪري سگھن ٿا. اهو معاملو رڳو روزگار تائين محدود نه رهندو پر ان سان شهرن ۾ ٻاهرين ماڻهن جي آمد جا موقعا گھٽائي شهرن جي ڊيموگرافي بهتر ڪرڻ، شهرن ۾ سياسي سگھه حاصل ڪرڻ، ٻهراڙين جو سماجي جمود ٽوڙڻ، ۽ مجموعي طور قوم جي معاشي سگهه کي وڌائڻ جهڙا اهم فائدا حاصل ٿيندا. اهو ڪم جيڪڏهن مستقل مزاجيءَ سان ٿئي ته پنجن کان ڏهن ورهين ۾ سنڌ جي سماجي بيهڪ ۾ هڪ وڏي تبديلي ايندي جيڪا سنڌ واسين جي بقا ۽ اوسر ۾ نهايت اهم ڪردار ادا ڪندي.