پشاور (م ڊ) ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور معاشي ايمرجنسي لڳائڻ تي وفاقي حڪومت کي اسيمبلي ٽوڙڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي، ڪي پي جي ڪابينا اجلاس ۾ شريڪ وزيرن به علي امين گنڊاپور جي طرفان صوبائي اسيمبلي ٽوڙڻ جي بيان جي تصديق ڪري ڇڏي، ڪابينا ميمبرز علي امين گنڊاپور کي سمورن فيصلن جو اختيار ڏيندي چيو آهي ته وفاق معاشي ايمرجنسي جي بهاني ڪا سازش نٿو ڪري سگهي، علي امين گنڊاپور چيو ته جيڪڏهن وفاقي حڪومت صوبي ۾ معاشي ايمرجنسي لڳائي ته اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيندس. وڏي وزير وڌيڪ چيو ته جيستائين اسان کي پارٽي باني سان ملاقات جي اجازت نٿي ڏني وڃي بجيٽ پاس ٿيڻ نه ڏينداسين. ڪنهن به وقت اسيمبلي ٽوڙڻ جو اختيار رکان ٿو، ڪابينا به وڏي وزير جي اهڙي موقف جي مڪمل حمايت ڪري ڇڏي.