ٽنڊو محمد خان(رپورٽر ) ٽنڊو محمد خان ۾ معذور شاگردن شاگردياڻين جي گورنمينٽ اسپيشل ايجوڪيشن اسڪول ۾ ذهني نشونما قابليت بابت سيمينار ، انعام ڏنا ويا ، ٽنڊو محمد خان جي معذورن لاءِ ٺاهيل گورنمينٽ اسپيشل ايجوڪيشن اسڪول ۾ منعقد ڪيل خاص تقريب کي ريجنل ڊائريڪٽر حيدرآباد منير احمد ڏاهوٽ ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر فهيم سومرو ، احسان ٽالپر ، ناصر ، اسڪول پرنسپل پير نياز جان سرهندي ، ڊاڪٽر رابيه شيخ ، عرفانه هاليپوٽو ، خيرالنساء ، سميرا ، سحرش ، نواز سٺيو ، شاهد حسين ۽ ٻين مخاطب ٿيندي چيو ته اسان جي معاشري ۾ معذوري انسانيت لاءِ وڏو چيلينج آهي جنهن ۾ معذور شاگرد ۽ شاگردياڻيون پنهنجي قابليت سان ذهني نشو نما تحت اڳتي اچڻ علائقي لاءِ وڏو اعزاز آهي جنهن ۾ هن اسڪول ۾ معذورن جي تعليمي قابليت ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏو مقام حاصل ڪيو آهي جنهن جي ڪري هاڻي هي اسڪول کي خصوصي طور ترقي ڏانهن اڳتي وڌي رهيو آهي  جنهن ۾ جديد تعليم، ڪمپيوٽرائرڊ سائنس جي نمائش پڻ شامل آهي. انهي موقعي تي ڪمپيوٽر ليب جو پڻ افتتاح ڪيو ويو ،

جڏهن ته قابليت جي تحت پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردياڻين ۽ شاگردن کي ميڊل ، شيلڊس ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا . جنهن ۾ معذور شاگردن ۽ شاگردياڻين ملي قومي گيت ، نعتون ۽ قرت ۾ پڻ پوزيشن حاصل ڪئي .