شھدادڪوٽ(رپورٽر) شھدادڪوٽ ۾ 8 مارچ عورتن جي عالمي ڏينهن تي سنڌ وومين لائيرز الائنس ۽ سنڌ ھيومن رائيٽس ڪميشن طرفان تقريب ڪوٺائي وئي، تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ ھيومن رائيٽس ڪميشن جي چيئرپرسن اقبال ڏيٿو چيو ته اسان وٽ معاشرو اڃا عورت جي انسان طور وجود کي مڃڻ لاءِ تيار نه آھي، هن چيو ته ڪجهه قانوني پيچيدگين سبب ڪارو ڪاري جھڙا مسئلا ختم ٿي نه سگهيا آهن، قانوني مونجهارا ختم ڪرائڻا پوندا، اسان جيڪب آباد ۾ وومين ٿاڻو کولرايو آهي. سنڌ ۾ حڪومتي ادارن سان گڏجي ڪري بھتري آڻي سگهجي ٿي. لاڙڪاڻو ريجن ۾ عورت سپاھين جون 131 سيٽون خالي پيل آهن جن کي مڪمل طور ڀرڻ لاءِ ڀرتي جي پاليسي ۾ عورتن کي رعايت ڏياري آهي. ايڊووڪيٽ نادرا سيلرو ۽ سماجي اڳواڻ شانل کوسو  چيو ته جديد دور جي سھولتن ۽ سماجي ميڊيا کان عام عورتن کي پري رکيو پيو وڃي. بدقسمتي سان ٿاڻن تي رويا خراب آهن، نتيجي ۾ عورتن سان تڪڙو انصاف نه ٿو ٿئي. ان موقعي تي  ڪامريڊ عرس سيلرو به خطاب ڪيو.