گذريل اَٺَ ڏينهن کان آزاد ڪشمير جي گاديءَ واري هنڌ مظفر آباد ۾ آهيان. ٻن ڏينهن جو قيام اَٺَ ڏينهن ۾ تبديل ٿيڻ جو سبب انقلاب جي ديوانن جو “سڄي ملڪ” مان اسلام آباد اچڻ ۽ “انقلاب جي پِرهه ڦُٽڻ” جو بندوبست ڪرڻ جي ڪري “تعمير ۽ مرمت” لاءِ موٽروي ۽ ٻين شاهراهن جي بندش هئي. پر گذريل رات قائدِ انقلاب محترمه بشريٰ بي بي ۽ موجوده دور جو “محمود غزنوي ٽيون” علي امين گنڊاپور انقلابي لشڪر کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي رحم و ڪرم تي ڇڏي فرار ٿي ويا.
ھِي سٽون لکڻ کان ٿورو اڳ، انقلابي قيادت مانسهره ۾ ناشتو ڪري رهي هئي، جڏهن ته سوين ڪارڪن اسلام آباد ۽ راولپنڊي پوليس جي تحويل ۾ آهن. انقلابين جي سوشل ميڊيا ريجمنٽ ھاڻي روڄ راڙي، رُوئڻ پِٽڻ ۽ ان شڪست کي هڪ مذهبي حوالي سان منسوب ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪوڙ جي تشهير ۾ مصروف آھي. فيسبوڪ ريجمنٽ جي حالت گرفتار ٿيل انقلابي ڪارڪنن کان به بدتر آهي. هڪ فرقيواريت واري جماعت جي “مختار ملت” طور سڏرائيندڙ مولويءَ جا همدرد حسبِ عادت مخالفن کي “يزيدي” قرار ڏئي رهيا آهن. ڪاش انهن تاريخ پڙهي هجي ها، ته انهن کي خبر پوي ها ته “حُسيني” لشڪر نه ميدان ۾ ڪپڙا، جُوتا ۽ گاڏيون ڇڏي ڀڳو، نه ئي اُنهن جي قيادت فرار ٿي. اها ئي ڳالهه آهي، جنهن سبب هميشه چوندو رهيو آهيان ته، سياست ۾ حسيني ۽ يزيدي نه، بلڪه دُرست ۽ غلط هوندا آهن. فيس بڪي مجاهد دعويٰ ڪري ٿو ته، حڪومت سوين لاش غائب ڪري ڇڏيا آهن (هڪ جي دعويٰ 272 لاشن جي آهي، شڪر آهي 72 نه چيائين).
عجيب حڪومت آهي، جيڪا قائد انقلاب بشريٰ بي بي ۽ محمود غزنوي ٽيون علي امين گنڊاپور کي غائب نه ڪري سگهي ۽ اهي فرار ٿي ويا پر ان حڪومت سوين لاش غائب ڪري ڇڏيا، جيڪو ظلم جديد دور ۾ لڪائڻ سان نٿو لڪي سگهي. پي ٽي آءِ ۽ سوشل ميڊيا ريجمنٽ کي بنا ڪنهن دير جي انهن مقتولن جا شناختي دستاويز، خاندان ۽ ٻيون شاهديون سامهون آڻڻ گهرجن ته جيئن حڪومت جي ڳِچي مروڙي سگهجي. ظاهري طور تي ته اها دعويٰ اهڙي ئي جڙتو آهي، جهڙي دعويٰ عمران خان 9 مئي کانپوءِ ڪئي هئي. ان جو چوڻ هو ته، 9 مئي تي 40 ماڻهو ماريا ويا. انهن مقتولن جي ڪُٽنبن جي مدد لاءِ آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ فنڊ ريزنگ مهم هلائي وئي ۽ اهي لکين ڊالر خبر ناهي ته ڪنهن جي پيٽ ۾ هليا ويا. تازي ناڪام انقلاب (حتمي احتجاج) کان اڳ به فنڊ ريزنگ ڪئي وئي هئي. خير، هڪ خاندان کي تقريباً چار ڏهاڪن کان فنڊ ريزنگ، صدقي، زڪوات ۽ خيرات گڏ ڪرڻ ۾ مهارت حاصل آهي. الله کيس وڌيڪ توفيق ڏئي!
بهرحال ڇنڇر، 23 نومبر تي تعمير ۽ مرمت لاءِ بند ڪيل موٽروي ۽ ٻيون شاهراهون کلڻ شروع ٿي ويون آهن. پاڪستان جي زير انتظام آزاد ڪشمير ۾ اٺ ڏينهن کان ڦاٿل مسافر هاڻ واپسي لاءِ ٽڪيٽ بڪ ڪرائي ورتي آهي. گذريل اٺ ڏينهن ۾ مظفر آباد ۾ تمام گهڻيون محفلون برپا ٿيون. سيد ذوالفقار حيدر نقوي ايڊووڪيٽ، انوارالقمر ايڊووڪيٽ، سيد احسن ڪاظمي ۽ ٻين دوستن سان ملاقاتون رهيون، انهن ملاقاتن ۾ موجوده دور جي سياست سان گڏ ٻين موضوعن تي ويچار ونڊيا ويا. سيد احسن ڪاظمي شاگرديءَ واري دور ۾ اين ايس ايف ۽ متحده طلباء محاذ آزاد ڪشمير جو سرگرم اڳواڻ رهيو آهي، اڄڪلهه مرحوم سردار عبدالقيوم جي مسلم ڪانفرنس جي مرڪزي مجلس عامله جو ميمبر آهي. ساڄي ڌُر جي مسلم ڪانفرنس ۾ ترقي پسند اين ايس ايف جو اڳواڻ هجڻ هڪ حيرت انگيز ڳالهه آهي يا ان جو عاشق اخير المومنين هجڻ، اهو بهرحال هڪ سوال آهي. ان جي خوبي اها آهي ته، هُو مطالعو ڪندو رهندو آهي ۽ خامي اها آهي ته، سياسي مخالفت ۾ 1980ع واري ڏهاڪي جي مسلم ليگي ۽ موجوده انقلابين جهڙا لڪائيندي نٿا لڪن. بهرحال هُو هڪ سُٺو انسان ۽ بهترين دوست آهي.
فقير راحمون، ٻئي ڏينهن هڪ دوست کي فون تي چيو، “جن سان دِليون ملنديون آهن، خبر ناهي اهي ماڻهو ملندا ڇو ڪونه آهن”. اسان کيس سمجهايو ته، “اور ڀي غم هين زماني ۾، مسافر دوست ڪي پذيرائي ڪي سوا”.
مظفر آباد ۾ گذريل اٺ ڏينهن ۾، لڳ ڀڳ 6 ڏينهن ته پاڪستان ويندڙ رستا بند هئا. توڙي جو هاڻي آمدرفت بحال ٿي چڪي آهي، پر پابندين دوران گذريل ڇهن ڏينهن ۾ ڪچهرين سان گڏ ڪيترائي دلچسپ واقعا ۽ لطيفا به ٿيا. اسان جو هڪ انصافي دوست، ملڪ محمد نصير اعواڻ ايڊووڪيٽ، جوانيِءَ ۾ “انجمن متاثرين جماعتِ اسلامي” رهيو، اڄڪلهه عمران خان جي قيادت ۾ انقلاب آڻڻ جو خواهشمند آهي. هُن انقلاب لاءِ پاڪستان وڃڻ ٿي چاهيو پر پاڪستاني وزير داخلا محسن نقوي جو اهو بيان اچي ويو ته، “آزاد ڪشمير تڪراري علائقو آهي، تڪراري علائقي جا رهواسي پاڪستان جا قانوني شهري نه آهن”. ايڊووڪيٽ نصير اعواڻ صاحب ان بيان سان دل شڪسته ٿيو ۽ انقلابي لشڪر ۾ پرجوش عملي شرڪت ڪرڻ لاءِ وڃڻ کان رهجي ويو. وزير داخلا جي بيان تي اُن جي ڏُک ۽ ڪاوڙ کي محسوس ڪندي اسان عرض ڪيو ته، هاڻي توهان هڪ پريس ڪانفرنس ڪري پاڪستاني حڪومت کان مطالبو ڪريو ته، تڪراري خطي ۾ ڦاٿل پنهنجن شهرين (اسان) کي پاڪستان وٺي وڃڻ جو بندوبست ڪري. هُن مرڪندي جواب ڏنو، “شاهه جي، توهان جي حڪومت ڊالرن عيوض شهرين وڪڻڻ جو خاص تجربو رکي ٿي، هاڻي جيڪڏهن پاڪستان مان جواب آيو ته، هزار پنج سئو ڊالر ڏئي اسان جو شهري پاڻ وٽ ئي رکو ته پوءِ ڇا ڪنداسين؟ پياري ثاقب اعواڻ جي “مسٽر بُڪس” تي سڄو ڏينهن مسافر دوستن سان ملندو رهيس. ثاقت اعواڻ وڏي مطالعي وارو دوست آهي. تاريخ، سياست، مذهبن ۽ عقيدن تي اُن سان ٽيڪاٽپڻي هلندي رهي. هِي سِٽون لکجڻ وقت صورتحال اها آهي ته، اسلام آباد مان انقلابي لشڪر واپس وڃي چُڪو آهي. ڪڙو سچ اهو آهي ته عمران خان جي ٽئين زال محترمه بشريٰ بي بي پي ٽي آءِ جي سياست تي پهرين شريعت لاڳو ڪرڻ وارو بيان “باجوه، هِي تُون ڪنهن کي کڻي آيو آهي
”. ڏئي آپگهاتي حملو ڪيو هو، هاڻي رهيل کهيل ڪَسر پنهنجي غير سياسي، جذباتي طرز عمل سان پوري ڪري ڇڏي آهي. ڊي چوڪ وڃڻ جو فيصلو سندس ذاتي عزم هو. هُوءِ آخري پَساهه تائين ڄَمي بيهڻ لاءِ پنهنجي پختون حامين کان حلف وٺندي رهي ۽ پاڻ آخري پَساهن کان اڳ ميدان ڇڏي محفوظ هنڌ ڏانهن هلي وئي.
ان جذباتي فيصلي جو ڪِيتو پي ٽي آءِ کي ڀوڳڻو پوندو. ڊي چوڪ وڃڻ لاءِ تڪبر واري ضِد بدران جيڪڏهن هُوءَ عمران خان ۽ پارٽي قيادت جي ڳالهه مڃي سنگجاني ۾ جلسي ۽ ڌرڻي جو رستو اختيار ڪري ها ته، حڪومت رستا کولڻ جو جوکم بلڪل نه کڻي ها پر پي ٽي آءِ جي سياسي ڏاهپ جي ساراهه ڪئي وڃي ها ۽ رستن جي وڌيڪ بندش سان مشڪلات جو شڪار شهرين جي ڪاوڙ جو نشانو وقت جي حڪومت نه بڻجي ها.
خير، هاڻي ڇا ٿو ٿي سگهي. قيادت ميدان تان ڀڄي وئي آهي، سوين ڪارڪن ۽ 50 کان وڌيڪ افغان شهري پوليس جي تحويل ۾ آهن. هاڻي ڏسو ۽ انتظار ڪيو ته، انقلاب جي “پٽاري” مان هاڻي ڇا ٿو نڪري!