اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ آيل مظاهرين تي تشدد خلاف انفارميشن گروپ جي آفيسر پير سليمان شاهه راشدي نوڪري تان استعيفا ڏئي ڇڏي، پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي پير سليمان راشدي استعيفا جي تصديق ڪئي.  پنهنجي استعيفا ۾ هن ڄاڻايو آهي ته ملڪ ۾ جاري ڳڻتي جوڳي صورحال مان مڪمل مايوس ٿي سول سروس آف پاڪستان جي عهدي تان  استعيفا پيش ڪريان ٿو. هاڻي هي منهنجي ضمير جو معاملو ٿي ويو آهي،  ان نظام جو حصو نٿو بڻجي سگهجي جِتي جارحيت هجي. جيڪو پنهنجي ئي ماڻهن کي بنا سبب جي جارحيت ڪري ٿو. جيڪو صرف اشرافيه جي مفاد جي لاءِ ڪم ڪندو آهي. جيڪو عمل پاڪستان جي جمهوري عمل کي واضع طور ڪرپٽ ڪري ٿو. جيڪو”طاقتن“ جي ڪڌن مقصدن لاءِ معافي سان گڏ آئين کي نقصان ڏيندو آهي ۽ اهو پاڪستان جي اعليٰ عدليه جي فيصلن کي بي بنياد قرار ڏئي ٿو، استعيفا ۾ هن چيو ته جيڪڏهن اهي فيصلا ڪنهن به طرح حڪمرانن جي خواهشن جي خلاف هجن. مٿي بيان ڪرڻ کان پوءِ منهنجي ضمير مون کي ٻه آپشن ڏنا آهن،  يا ته مان ”سسٽم“ جو  حصو بڻجي ويهان ۽ ان ”نظام“ جي بي شرميءَ جو خاموش تماشائي رهان، جنهن پاڪستان کي معاشي، سياسي ۽ سماجي طور تي طور تباهه ڪري ڇڏيو آهي. يا مان ان خراب ’سسٽم‘ کان ڌار ٿيان،  موجوده حڪومت جي سخت بي حسي، آئيني حدن اندر رهي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ شرمناڪ ناڪامي ۽ پنهنجي ئي عوام خلاف طاقت جي وحشياڻي استعمال کي نظر ۾ رکندي مون فيصلو ڪيو ته استعيفا ڏيان ۽ لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪندس ته منهنجي فوري طور تي استعيفا منظور ڪئي وڃي. ان سان گڏ مان پاڪستان جي مين اسٽريم ميڊيا جي مذمت ڪريان ٿو ته هو شهرين جي حالت تي اکيون بند ڪري رهي آهي.