مطالبا نه مڃيا ويا ته امن جي ذميواري ادا نه ڪري سگهنداسين: متحده

0
290
مطالبا نه مڃيا ويا ته امن جي ذميواري ادا نه ڪري سگهنداسين: متحده
مطالبا نه مڃيا ويا ته امن جي ذميواري ادا نه ڪري سگهنداسين: متحده

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪنوينر خالد مقبول صديقي ۽ ٻين ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پراڻي آدمشماري تي اليڪشن قبول نه آهي

سنڌ جي شهري حقن تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن، ڪراچي ۾ پوليس به امپورٽ ڪئي وئي آهي، ايم ڪيو ايم لنڊن جي نالي تي شهر جو امن خراب ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، ايم ڪيو ايم لنڊن جا ڪجهه درجن ماڻهو شهر کي يرغمال بڻائي نه ٿا سگهن

خالد مقبول چيو ته ڪراچيءَ جي 3 ڪروڙ کان گهٽ آبادي ڏيکاريندڙ ڪا به آدمشماري قبول نه ڪنداسين

هنن چيو ته اليڪشن ڪميشن سان تعلق رکندڙ تعصبي ماڻهن ووٽر لسٽن ۾ ڦيرڦار ڪئي آهي، ووٽر لسٽن کي درست ڪيو وڃي، اسان 5 سالن تائين شهر ۾ امن برقرار رکيو آهي، مطالبا نه مڃيا ويا ته امن جي ذميواري شايد ادا نه ڪري سگهون

هي به پڙهندا

سنڌ جا جبل پرڏيهي ڪمپنين کي ڏيڻ جو اشارو: متحده نفرت جي سياست پئي ڪري: شرجيل ميمڻ