لکنئو ( اسپورٽس نيوز ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ جي 19 هين ميچ ۾ سريلنڪا نيڌرلينڊز کي پنج وڪيٽن تان شڪست ڏئي عالمي ڪپ ۾ پهرين ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. لنڪن ٽائيگرز سمارا وڪرما جي ناقابلِ شڪست 91 رنسن جي مدد سان 263 رنس جو هدف 48 هين اوور ۾ حاصل ڪري ورتو. نيڌرلينڊز جي ڪپتان ايڊورڊس ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. 49.2 اوورن ۾ ٽيم 262 رنسن تي ڍير ٿي وئي. سائبرينڊ اينجل بريڪٽ 70 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، ان کانسواءِ لوگن وين بيڪ 59 رنسون ٺاهيون. سريلنڪا جي دلشان مڌوشانڪا ۽ ڪاسوان رجيٿا چار، چار جڏهن ته مهيش ٽيڪشنا هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. 263 رنسن جو ٽارگيٽ سريلنڪا 49 هين اوور ۾ حاصل ورتو، سمارا وڪرما 91 رنسن جي ناٽ آئوٽ اننگز کيڏي. پٿم نسانڪا 54 ۽ چريٿ اسالنڪا 44، ڌننجيا ڊي سلوا 30 ۽ ڪوشل مينڊس 11 رنسون ٺاهيون. نيڌرلينڊز جي آريان دت ٽي، ڪولن ايڪرمين ۽ ميڪيرن هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي. سديرا سمارا وڪرما کي شاندار بيٽنگ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.