مصنوعي ذهانت وارو نظام پنهنجي ناقابل يقين حد تائين پيچيده ٽيڪنالاجيءَ سبب نه صرف هڪ دلچسپ ۽ وڻندڙ نيٽ ورڪ آهي پر پنهنجي انهي ئي پيچيدگيءَ جي ڪري ڪيترو ئي منجھائيندڙ ۽ پريشان ڪندڙ به آهي. هي هڪ اهڙو بندوبست آهي، جنهن جي ذريعي هڪ طرف جمهوري حڪومتون پنهنجي عوا م جي خدمت ڪري سگھن ٿيون ته ٻئي طرف آمرانه حڪومتون انهي جي وسيلي پنهنجي عوام تي ضابطو ڪري سندن استحصال به ڪري سگھنديون. اهو ئي سبب آهي ته يورپي ملڪن ۾ انهيءَ صورتحال تي ضابطي لاءِ قانون جوڙڻ جي تياري ٿي رهي آهي. يورپي يونين جي ڪوشش آهي ته يونين مصنوعي ذهانت جي زيادتين تي ضابطي جو نظام تيار ڪرڻ ۾ سموري دنيا کان اڳڀرائي ڪري ڏيکاري.
يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن مصنوعي ذهانت کي ريگيوليٽ ڪرڻ واري يورپي منصوبي کان پنهنجي پهرين گرين سگنل حاصل ڪري اداري هڪ اهم مرحلو طئي ڪري ورتو آهي ۽ هاڻي اداري طرفان چيٽ جي پي ٽي بابت نئين پابندين بابت غور ويچار ڪيو ويندو. يورپي يونين جي ڪوشش آهي ته پاڻ دنيا ۾ سڀ کان پهرين مصنوعي ذهانت تي ضابطي ڪرڻ وارو سسٽم تيار ڪري ۽ دنيا تي سياسي ۽ سماجي برتري حاصل ڪري ڏيکاري.
برسلز ٻه سال اڳ هڪ اهم بل جي رٿ پيش ڪئي هئي پر ان جي متن ۾ دير سبب ۽ تازن مهينن ۾ متن يا تصويرن ٺاهڻ واري صلاحيت پيدا ڪرڻ واري مصنوعي ذهانت جي خطرن واري تڪرار سبب انهي کي ملتوي ڪيو ويو هو، يورپي يونين جي ميمبر ملڪن انهي سلسلي ۾ 2022 جي آخر ۾ پنهنجي پوزيشن جي تعين ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو.
مسودي جي شريڪ عيوضي ڊريگوس ٽوڊورڪ جو چوڻ آهي ته، تازو ئي 11 مئي 2023ع تي يورپي هڪ ڪميٽي ۾ ووٽنگ جي دوران پنهنجي پوزيشن جو اعلان ڪيو، جنهن جي تصديق جون ۾ هڪ مڪمل اجلاس جي دوران ڪئي ويندي. جنهن کان پوءِ لاڳاپيل مختلف ادارن جي وچ ۾ سخت قسم جون ڳالھيون شروع ڪيون وينديون. جڏهن ته شريڪ عيوضي برانڊو بينيو جو چوڻ آهي ته اسان کي ان سلسلي ۾ ٽي هزار ترميمون مليون آهن. يورپي عوام جي راين مطابق يورپ انساني بنيادن تي اخلاقي نقطه نظر مطابق ڪم ڪرڻ چاهي ٿو.
واضح رهي ته مصنوعي ذهانت وارو نظام هڪ تمام پيچيده ۽ منجھائيندڙ نظام آهي، جنهن ڪري خيال آهي ته جتي جمهوري ۽ عوام دوست حڪومتون ان کي عوامي ڀلائي لاءِ استعمال ڪنديون، اتي ئي اهڙو خدشو به آهي ته آمرانه ۽ جمهوريت دشمن قوتون انهن نظام کي عوام جي نگراني سميت عوام جي خلاف ۽ پنهنجن ناجائز مفادن لاءِ استعمال ڪنديون.
گذريل سال جي آخر ۾ منظر عام تي ايندڙ چيٽ جي پي ٽي ٿورڙي وقت ۾ وڏي انداز ۾ مضمون، اي ميلز، نظم ۽ معلوماتي پروگرام ۽ ترجمي جا وڏا ڪمال ڪري ڏيکاريا آهن، جنهن ڪري دنيا ۾ انهي جي حوالي سان تمام گھڻي دلچسپي ۽ تجسس پيدا ٿي پيو آهي پر سوشل ميڊيا تي جعلي تصويرن جيڪي حقيقي تصويرن کان به وڌيڪ حقيقي لڳن ٿيون ۽ جيڪي مڊجرني جهڙي ايپس جي وسيلي تيار ڪيون ويون آهن، جي پوسٽنگ کان پوءِ انهي مان دوکي ۽ فريب جا خطرا به پيدا ٿيا آهن. سائنسي شخصيتن ڪنهن به قانون جي جاري ٿيڻ تائين ان سلسلي کي معطل ڪرڻ تي زور ڀريو آهي.
ان جي وسيع خاڪي ۾ پارليامينٽ جو موقف ڪميشن جي نقطه نظر جي تصديق ڪري ٿو، متن پروڊڪٽ جي حفاظت بابت موجوده قاعدن تي ٻڌل آهي ۽ بنيادي طور تي ڪمپني تي گھربل ڪنٽرولز نافذ ڪندو. ان منصوبي جي مرڪز ۾ صرف انهن درخواستن تي لاڳو قانونن جي فهرست آهي، جن کي ڪمپنيون قانون سازن جي معيارن جي بنياد تي پاڻ کي هاءِ رسڪ سمجھن ٿيون.
يورپي يونين لاءِ حساس شعبن ۾ استعمال ٿيڻ وارن تمام نظامن جهڙوڪر اهم انفراسٽرڪچرس، تعليم، انساني وسيلا، قانون لاڳو ڪرڻ وارن ادارن يا اميگريشن مينيجمينٽ بابت آهي. ذميوارين مان انساني مشين جي ڪنٽرول جي تصديق ڪرڻ، ٽيڪنيڪي دستاويزات بنائڻ، ايتريقدر جو رسڪ مينيجمينٽ سسٽم جوڙڻ شامل آهن. انهن قانونن جي تعميل جي نگراني هر رڪن رياست ۾ نامزد اختيارين جي ذريعي ڪئي ويندي.ذ ميواريون صرف انهن مصنوعات تائين محدود آهن جن سان سلامتي صحت يا بنيادي حقن کي خطري ٿي سگھي ٿو.يورپي پارليامينٽ جو به ارادو آهي ته جنريٽيو اي آءِ سسٽمز جئين ته چيٽ جي پي ٽي کي هڪ خاص سرشتي جي ضروت آهي. جيئن ته اعليٰ خطري وارن نظامن جي سلسلي ۾ گھربل آهي. يورپي پارليامينٽ جا ڪارڪن سروس فراهم ڪرڻ وارن کي پنهنجا الگورٿم تيار ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيڻ واري ڪاپي رائٽ کان محفوظ ڊيٽا (سائنسي متن، موسيقي، تصويرون وغيره) جي غيرقانوني مواد ۽ انڪشاف جي خلاف تحفظ فراهم ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ چاهين ٿا.
ڪميشن جي رٿ جيڪا 2012 ۾ منظرعام تي آئي هئي مصنوعي ذهانت جي نظام لاءِ هڪ فريم ورڪ فراهم ڪري ٿي، جيڪو انسانن سان انٽرايڪٽ ڪري ٿو. انهي لاءِ کين صارفين کي مطلع ڪرڻ جي ضرورت هوندي ته هو ڪنهن مشين سان رابطي ۾ آهن ۽ تصوير بڻائڻ واري ايپليڪشن کي اهو ٻڌائڻ تي مجبور ڪندي ته اهي مصنوعي طور بڻايون ويون آهن.
اهڙي نظام تحت پابنديون نالي ماتر هونديون ۽ صرف يورپوي قدرن جي خلاف ڳالھين تي اثرانداز ٿينديون، جهڙوڪر چين ۾ استعمال ٿيڻ واري شهرين جي پروفائلنگ يا وڏي انداز ۾ نگراني واري نظام جي خلاف. يورپي پارلياماني ميمبر جذبن جي شناخت واري نظام تي به پابندي شامل ڪرڻ چاهين ٿا ۽ اهڙي ڇوٽ کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا، جيڪا سيڪيورٽي فورسز جي ذريعي عوامي مقامن تي ماڻھن جي ريموٽ بايوميٽرڪ سڃاڻپ جي اجازت ڏئي ٿي. ۽ اهي متعلقه ماڻھن جي رضامندي کان سواءِ الگورٿم ٺاهڻ لاءِ انٽرنيٽ تي وڏي تعداد ۾ تصويرن جمع ڪرڻ تي پابندي لڳائڻ جو ارادو به رکن ٿا.