ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) مصطفيٰ ڪيس ۾ اڳڀرائپ: ارمغان جا اڪائونٽس سيل، تشدد جو شڪار زوما جو بيان به قلمبند، ان ڏس ۾ ايف آءِ اي مصطفيٰ عامر قتل ڪيس ۾ گرفتار جوابدار ارمغان جي مني لانڊرنگ ۾ ملوث هجڻ جي جاچ شروع ڪري ڇڏي، مصطفيٰ عامر قتل ڪيس ۾ گرفتار ارمغان جي مني لانڊرنگ ۾ ملوث هجڻ جي حوالي سان ايف آءِ اي جي جاچ عملدارن جو چوڻ آهي ته اينٽي مني لانڊرنگ ۽ سائبر ڪرائيم سرڪلن جا آفيسر گڏيل طور جاچ ڪري رهيا آهن، ارمغان جي سڀني اڪائونٽس ۽ ملڪيتن کي 90 ڏينهن لاءِ منجمد ڪيو پيو وڃي، ارمغان پاران پنهنجن اڪائونٽن ذريعي ڊيلنگ ڪيل سڀني ماڻهن کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويندو. اختيارين موجب ارمغان جي مني لانڊرنگ ۾ ملوث هجڻ بابت ثبوت فراهم ڪرڻ لاءِ سي آءِ اي کي هڪ خط لکيو ويو آهي، ارمغان جي سائبر ڪرائيم ۾ ملوث هجڻ بابت ثبوتن جي فارنزڪ جاچ ڪرائي ويندي، جاچ مڪمل ڪري اعليٰ اختيارين کي آگاهه ڪيو ويندو، جيڪڏهن ايف آءِ اي ۾ الڳ ڪيس داخل ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿي ته اعليٰ اختيارين جي حڪمن جي روشني ۾ ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي، ٻئي طرف ارمغان هٿان تشدد جوشڪار زوما نالي ڇوڪري پڻ بيان قلمبند ڪرايو آهي، سندس چوڻ هو ته وحشي صفت ارمغان کيس پنهجي بنگلي ۾ گهرائي مصطفيٰ سان لاڳاپن بابت مختلف سوال ڪيا، انهي دوران کيس لوهي روڊ سان تشدد جو نشانو بڻايو، منهنجي حالت خراب ٿيڻ تي ٽيڪسي گهرائي خانگي ميڊيڪل سينٽر موڪليو.
ارمغان خلاف 8 کان 10 وڏيون ثابتيون مليون آهن: مقدس حيدر
ڪراچي: مصطفيٰ ڪيس جي جاچ ڪندڙاسپيشل ٽيم جي سربراهه ڊي آءِ جي( سي آءِ اي) مقدس حيدر چيو آهي ته اسان جي ٽيم مصطفيٰ جي اغوا ۽ قتل واري نقطي تي ڪم ڪري رهي آهي، جنهن ۾ پوليس کي وڏي ڪاميابي حاصل ٿي آهي،اسان کي ڪيس ۾8 کان 10 وڏيون ثابتيون مليون آهن، اسان پراسيڪيوشن جي رهنمائي سان ڪيس ۾ ڪو خال ناهي ڇڏيو، ارمغان جي گهران مصطفيٰ جو موبائل فون ۽ رت جا نمونا مليا، ارمغان جي 2 ملازمن مصطفيٰ جي آمد جا قلم 164 وارا بيان ڏنا، شيراز پڻ تشدد جو قبوليوآهي، مصطفيٰ جو ڊي اين اي، سڙيل ڪار جي بلوچستان تائين سفر جا سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ ڪيا آهن، ارمغان جو والد ٽي وي تي ڀلي ڪجهه چوي، اسان وٽ سگهارا ثبوت موجود آهن، جيڪي سزا ڏيارڻ لاءِ ڪافي آهن، هن چيو ته ايف آءِ اي ارمغان جي مني لانڊرنگ ۽ ڪرپٽو ڪرنسي وارن مامرن ۽ ايس آءِ يو وري منشيات وارا مامرن کي ڏسي رهيا آهن.
پراسيڪيوشن ڊپارٽمينٽ مصطفيٰ ڪيس ۾ پوليس جي جاچ تي عدم اطمينان ظاهر ڪري ڇڏيو
ڪراچي: پراسيڪيوشن ڊپارٽمينٽ مصطفيٰ عامر ڪيس ۾ پوليس جي جاچ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو آهي، ذريعن موجب پراسيڪيوشن ڊپارٽمينٽ جاچ کان مطمئن نه هجڻ ڪري جاچ آفيسر کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پراسيڪيوشن ڊپارٽمينٽ جاچ آفيسر کان چيو ته هو ارمغان خلاف داخل ڪيل چئن ڪيسن ۾ جن وقت تائين ٿيل اڳڀرائي جي رپورٽ پيش ڪري. پراسيڪيوشن ڊپارٽمينٽ وڌيڪ چيو ته ٻڌايو وڃي ته ڪيس ۾ اڃا تائين ڪيترن شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن ۽ ڇا ڪيس ۾ فارنزڪ ڊي اين اي ۽ فنگر پرنٽس ورتا ويا آهن يا نه؟