ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي ۽ عرفان شاهه) ايف آءِ اي پاران مصطفيٰ قتل ڪيس ۾ حوالا هنڊي ۽ ٻين غير قانوني سرگرمين جي حوالي سان جاچ شروع، خاص ٽيم پڻ جوڙي وئي، ايف آءِ اي جي ٽيم جوابدار ارمغان ۽ سندس دوستن جي بينڪ اڪائونٽس، جائدادن ۽ ٽرانزيڪشن هسٽري جي جاچ ڪندي، ڪنهن به غير قانوني ڪم ۾ ملوث هجڻ جا ثبوت ملڻ تي جوابدارن جا اڪائونٽس پڻ فريز ڪيا ويندا، جاچ ٽيم پاران ساحر حسن ۽ ٻين جي اڪائونٽس جي پڻ جاچ پڙتال ڪئي ويندي، ارمغان جي گهران پوليس کي هٿ آيل ليپ ٽاپ ۽ ٻئي سامان کي سائبر فارنزڪ ليب موڪليو ويندو، سڀني شاهدين کي سائنسي بنيادن تي جاچي ڪيس جي جاچ کي اڳتي وڌايو ويندو، ايف آءِ اي پاران باضابطه طور ڪيس تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، واضح رهي ته سنڌ پوليس پاران ايف آءِ اي کي جاچ لاءِ خط لکيو ويو هو، ٻئي طرف پوليس ذريعن موجب مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي مک جوابدار ارمغان کان پڇا ڳاڇا ۾ وڌيڪ اڳڀرائي ٿي آهي. اختيارين موجب جوابدار جي ڊفينس واري گهر مان ڪرپٽو ڪرنسي جون 2 مائيننگ مشينون هٿ ڪيون ويون آهن، جن جي ماليت 2 ارب رپين کان وڌيڪ آهي، ارمغان غيرقانوني ڪال سينٽرن جي ڪمائي آمريڪا ۾ پنهنجي ڪزن کي موڪليندو هو، سندس ڪزن وري آمريڪي ڊالر جو ڊجيٽل اڪائونٽ هولڊر آهي، جيڪو ارمغان جا موڪليل پئسا سندس ڪرپٽو ڪرنسي اڪائونٽ ۾ موڪليندو هو، ارمغان جوابدار فراڊ ذريعي ڪمايل پئسن سان ڪرپٽو ڪرنسي خريد ڪندو هو. جاچ اختيارين موجب جوابدار 2017ع کان وٺي جعلسازي ذريعي لکين ڊالرن جي رقم ڊجيٽل ڪرنسي ۾ تبديل ڪئي. جعل سازي سان حاصل ٿيندڙ پئسا سڌو سنئون ڊجيٽل اي ٽي ايم ۾ منتقل ڪيا ويندا هئا، ڊجيٽل ڪرنسي ۾ تبديل ڪيل پئسن جو ثبوت حاصل ڪرڻ ممڪن ناهي.
مصطفيٰ عامر قتل: اي اين ايف کي جاچ جو حڪم
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) گهرو معاملن بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي پاران ايف آءِ اي ۽ اي اين ايف کي مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي جاچ جو حڪم، اجلاس دوران ڪاميٽي چيئرمين قادر پٽيل سوال اٿاريو ته جعلسازي سان بينڪ اڪائونٽس کوليا ويا، نشو اسلام آباد مان ڪراچي ڪوريئر ذريعي پهچندو رهيو، ڊارڪ ويب وسيلي هٿيارن جي خريدار ڪيئن ٿي؟ ايف آءِ اي ۽ وفاقي ايجنسيز ڪٿي آهن؟ چيو ويو آهي ته 22 سالن جو نوجوان پاڻ اهو سڄو ڌنڌو ڪري رهيو هو، سمجهه کان ٻاهر آهي ته 22 سالن جو ڇوڪرو ڪنهن سپورٽ بنا اهو سڀ ڪجهه ڪري رهيو هو، ڪيس ۾ 500 کان وڌيڪ ليپ ٽاپ گُم ڪيا ويا، ڪميٽي ميمبر آغا رفيع الله الزام هنيو ته مصطفيٰ عامر ڪيس جي جوابدار خلاف جاچ ٽيم ۾ سندس مائٽ شامل آهي، ڪاميٽي گهرو وزير محسن نقوي جي نه اچڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته جڏهن به پڇون ٿا چيو وڃي ته گهرو وزير محسن نقوي وزيراعظم آفيس ۾ آهي، پتو لڳائينداسين جيڪڏهن اتي نه هوندو ته سندس خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، اسٽينڊنگ ڪاميٽي آءِ جي سنڌ کي ايندڙ اجلاس ۾ گهرائي ورتو. ڪاميٽي چيئرمين راجا خرم شهزاد چيو آهي ته پهرين مصطفيٰ عامر قتل ڪيس تي بريفنگ ڏني وڃي. ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري چيو ته ڪاميٽي جو نوٽيس دير سان ملڻ سبب آءِ جي سنڌ نه آيو، بريفنگ لاءِ ايندڙ اجلاس تائين وقت ڏنو وڃي.
مصطفي’ جو نالو منشيات ڪيس مان خارج: 2ساٿي ڀاڳيلا قرار
ڪراچي: اينٽي نارڪوٽڪس عدالت ڊفينس ۾ بيدردي سان قتل ٿيل مصطفي’ عامر جو نالو منشيات ڪيس مان خارج ڪري ڇڏيو، جاچ آفيسر پاران پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مصطفيٰ عامر هاڻ قتل ٿي چڪو آهي، مصطفيٰ کي 31 جنوري 2024ع تي منشيات ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، 20 مارچ 2024ع تي مصطفيٰ عامر ۽ نعمان يعقوب جي ضمانت ٿي هئي، 6 جنوري تي قتل ٿيڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ مصطفيٰ عامر آخري ڀيرو عدالت ۾ پيش پڻ ٿيو هو، 22 فيبروري تائين عدالت مان سندس وارنٽ پڻ جاري ٿيندا رهيا، رپورٽ موجب مصطفي’ جا 2 ساٿاري ميان عمار حميد ۽ فيصل يعقوب اشتهاري آهن.
مصطفيٰ ڪيس ۾ غفلت ڪندڙ پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪبي: ڪراچي پوليس چيف جو اعلان
ڪراچي: ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته مصطفيٰ ڪيس ۾ غفلت ڪندڙ پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي ٿيندي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ارمغان ماضي ۾ 5 ڀيرا گرفتار ٿيو، سندس ڏوهن تي پردو رکندڙ پوليس آفيسرن خلاف ڪارروائي ٿيندي.