ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) جوڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ اي وي سي سي کي پوليس مقابلي ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ واري ڪيس ۾ ارمغان جي پيءُ ڪامران قريشي کان جاچ ڪرڻ لاءِ اين او سي جاري ڪري ڇڏي،  جاچ آفيسر محمد علي چيو ته اي وي سي سي ڪيس ۾ ڪامران قريشي کي شامل ڪيو ويو آهي، مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جو مک جوابدار ارمغان اڳ ۾ ئي گرفتار ٿي چڪو آهي،  جوابدارن پشاور مان هٿيار خريد ڪيا، جيڪي پوليس مقابلي ۾ به استعمال ٿيا، عدالت پوليس کي ڪامران قريشي کان جيل ۾ جاچ جي اجازت ڏئي ڇڏي.