ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي پوش ايريا ڊفينس ۾قتل ٿيل مصطفيٰ عامر ڪيس جو مک جوابدار ارمغان قريشيءَ جي جسماني ريمانڊ ۾ 6 ڏينهن واڌ، شيراز جيل حوالي، ڪالهه پنجن ڏينهن جو جسماني ريمانڊ مڪمل ٿيڻ بعد ارمغان ۽ شيراز کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جوابدار جي وڪيل چيو ته ارمغان 15 ڏينهن پوليس جي تحويل ۾ هو، مٿس پهرين ڏينهن تشدد ڪيو ويو،15 ڏينهن دوران ساڳيا ڪپڙا پاتل آهن، کيس وڳو تبديل ڪرڻ جي اجازت ناهي، سندس وڌيڪ ريمانڊ نه ڏنو وڃي، جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته جوابدار کان جديد هٿيار مليا آهن، ارمغان واردات بعد اسڪردو به ويو هو، ان بابت پڇاڳاڇا ڪرڻي آهي، ايف آءِ اي ۽ ٻين ادارن به جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، هاڻ جوابدار به انڪشاف ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، عدالت ارمغان کي 6 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حولي ڪري ڇڏيو، ٻڌڻي دوران جوابدار شيراز جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته شيراز مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جو شاهد آهي، کيس ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو پيو وڃي، عدالت چيو ته قانون موجب اعترافي بيان بعد جوابدار کي جيل موڪلڻ گهرجي ها، اي ٽي سي شيراز کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو.

ونگاري آهيو:  ارمغان جو پيءَ ٻڌڻي دوران ميڊيا سان ٻيهر اٽڪي پيو

ڪراچي: ارمغان جو پيءَ ڪامران قريشي ڪالهه ٻڌڻي دوران ميڊيا سان ٻيهر اٽڪي پيو، هن مختلف صحافين مٿان مصطفيٰ جي مائٽن ۽ پوليس جي ونگار وهڻ جا الزام مڙهيا.

ارمغان جي گهران مليل پرڏيهي هٿيارن جي پوليس فارنزڪ نه ڪرائي

ڪراچي: ڪراچي جي سي آءِ اي پوليس ارمغان جي گهران مليل پرڏيهي هٿيارن جي فارنزڪ نه ڪرائي ۽ نه ئي وري  پوليس رپورٽ ۾ انهن جي داخلا به نه ڏيکاري وئي.

 

مصطفيٰ ۽ ارمغان ۾ ويڊ جي 25 لکن تان جهيڙو هلندڙ هو: شاهد

ڪراچي: مصطفيٰ عامر قتل ڪيس ۾ ذڪر ڪيل نيو ايئر نائيٽ پارٽي جو هڪ اکين ڏٺو شاهد به سامهون اچي ويو، اکين ڏٺي شاهد نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته آئون ارمغان کي 2016ع کان سڃاڻان ٿو،  هو منهنجو سٺو دوست رهيو آهي، ارمغان پنهنجن سڀني دوستن کي نشو ڪرائيندو هو. اکين ڏٺي شاهد موجب ارمغان مصطفيٰ عامر کي هاڪس بي ۾ رٿيل  نئين سال جي پارٽي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني هئي پر هو نه آيو، جڏهن ته شيراز انهي پارٽي ۾ موجود هو، هن چيو ته مصطفيٰ کيس ٻڌايو هو ته ارمغان کيس سڏي رهيو آهي پر پارٽي ۾ نه ويندو. شاهد موجب مصطفيٰ ۽ ارمغان  وچ ۾ ويڊ جي 25 لکن تان جهيڙو هلندڙ هو، ارمغان مصطفيٰ کان ورتل 25 لکن جي ويڊ پاڻ توڙي دوستن جي استعمال هيٺ آندي هئي، هن چيو ته مون کي خبر ناهي ته مصطفيٰ 6 فيبروري تي ارمغان جي گهر ڇو ويو؟ پر مون کي خبر آهي ته هو جنگل بواءِ نالي ويڊ استعمال ڪندو هو.

 

ارمغان نشي ۾ هو، ڪنهن  سوال جو سڌو جواب نه ڏنو: ايف آءِ اي

ڪراچي: ايف آءِ اي مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي مک جوابدار ارمغان کان پڇا ڳاڇا شروع ڪري ڇڏي، ايف آءِ اي ذريعن موجب ارمغان نشي ۾ لڳي رهي هو، هن ڪنهن به سوال جو  سڌو سنئون جواب نه ڏنو، ذريعن  موجب ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ۽ اينٽي مني لانڊرنگ ٽيم ارمغان ۽ شيراز کان جاچ ڪئي آهي. جاچ کانپوءِ ايف آءِ اي 28 فيبروري تي پوليس کي خط لکي ليپ ٽاپ ۽ ٻيو سامان گهريو پر پوليس اڃا تائين کين ڪو به سامان فراهم نه ڪيو آهي، پوليس ريڊ ٽيم بابت به معلومات فراهم نه ٿي سگهي آهي. ايف آءِ اي موجب شيراز چيو ته هو ارمغان جي ماتحت طور ڪم ڪندو هو، جڏهن ته ارمغان ڪنهن به سوال جو سڌو سنئون جواب نه ڏنو،اليڪٽرانڪ ڊوائيسز جي فرانزڪ رپورٽ ملڻ کانپوءِ ارمغان کان ٻيهر پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي.