ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي مان اغوا بعد قتل ڪيل  نوجوان مصطفيٰ عامر جي جي امڙ ايس پي انويسٽيگيشن علي حسن کي هٽائڻ جو مطالبو ڪندي سندس خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ڪالهه مقتول جي ماءُ وجيها وڊيو بيان ۾ چيو ته  ايس پي علي حسن 20 ڏينهن تائين ڪا ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ منهنجي پٽ جي ڪردار ڪشي ڪندو رهيو، آئون ايس  پي علي حسن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائينديس، هن چيو ته ايس پي علي حسن کي برطرف ڪيو وڃي، هن چيو ته ايس پي علي حسن ڪنهن جي پيرول تي هو؟ هو ڪنهن  هيٺان ڪم ڪري رهيو هو؟ علي حسن منهنجي هڪ ڳالهه به نه ٻڌي رهيو هو، کيس ڇو سمجهه ۾ نه آيو ته منهنجو پٽ گم ٿيو، هو کيس ڇو ڳولي نه رهيو هو،  ارمغان قريشي سان گڏ ايس پي علي حسن جو نالو به هجڻ گهرجي. واضح رهي ته مصطفي عامر 6 جنوري تي ارمغان جي گهر ويو هو، جتي ارمغان ۽ شيراز کيس قتل ڪيو،  لاش حب چوڪي کڻي وڃي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. پوليس هن وقت تائين قتل جا ڪارڻ معلوم نه ڪري سگهي آهي، مقتول جي ماءُ دعويٰ ڪئي هئي ته مصطفيٰ کي سندس دوست مارشا شاهد جي چوڻ تي ارمغان قتل ڪيو هو، مارشا واردات بعد آمريڪا فرار ٿي وئي آهي.