ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه) ايف آءِ اي مصطفيٰ عامر قتل ڪيس ۾ گرفتار ارمغان خلاف اينٽي مني لانڊرنگ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ورتو، سرڪاري فرياد تي داخل ڪيس ۾ چيو ويو آهي ته ارمغان کي هنڊي ۽ ڪرپٽو ڪرنسي ۾ ملوث آهي. جوابدار هر مهيني فراڊ ذريعي 3 کان 4 لک ڊالر ڪمائيندو هو، جوابدار فراڊ ذريعي ملندر پئسن کي ڪرپٽو ڪرنسي ۾ تبديل ڪندو هو، ارمغان گاڏيون به ڪرپٽو ڪرنسي مان خريد ڪيون ويون هيون. ارمغان پنهنجن ٻن ملازمن جي نالن تي بينڪ اڪائونٽ کوليا هئا، ارمغان جي ڪال سينٽر مان آمريڪا ڪالز ڪري شهرين کان اهم معلومات حاصل ڪئي ويندي هئي، جنهن بعد فراڊ ڪيا ويندا هئا.