ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) قومي اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي پاران مصطفيٰ عامر قتل ڪيس ۾ پردي پويان موجود عنصرن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه سي پي او ۾ ٿيل اجلاس کي آءِ جي غلام نبي ميمڻ، ڊي آءِ جي (سي آءِ اي) مقدس حيدر، اينٽي نارڪوٽڪس جي ڊائريڪٽر برگيڊيئر عمران علي، ايف آءِ اي جي ڊائريڪٽر نعمان صديقي ۽ ايڪسائيز سيڪريٽري سليم راجپوت مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي جاچ، مني لانڊرنگ، منشيات مافيا ۽ ٻين ڏوهن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. ڪاميٽي جي ميمبرن مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي مختلف رخن تي بحث ڪندي پردي پويان لڪيل عنصرن ۽ مقصدن تي به بحث ٿيو، اجلاس ۾ ادارن کي هدايتون ڏيندي چيو ويو ته ايندڙ اجلاس ۾ مضبوط شاهدين، جامع حڪمت عملي ۽ پلان ٺاهي پيش ڪيو وڃي.