ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جوڊيشل ميجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت مصطفي’ عامر قتل ڪيس ۾ ملوث شيراز جي اعترافي بيان جي جاچ آفيسر جي درخواست تي تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، لکت واري حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته ڪيس جي جاچ آفيسر پاران جوابدار شيراز جي اعترافي بيان جي درخواست جمع ڪرائي هئي، جوابدار شيراز کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو هو، جوابدار جي هٿڪڙي کولرائي پوليس کي عدالت جي چيمبر کان ٻاهر وڃڻ جو چيو ويو، جوابدار کي ٻڌايو ويو ته هو جوڊيشل ميجسٽريٽ سامهون اچي ۽ اعترافي بيان ڏيڻ جو پابند ناهي، جوابدار کي ٻڌايو ويو ته هو جيڪو تحريري بيان ڏئي رهيو آهي ان خلاف بطور ثبوت به استعمال ٿي سگهي ٿو، حڪم نامي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جوابدار کي اهو به ٻڌايو ويو ته جيڪڏهن هو اعترافي بيان ڏيندو ته سهي نه ته ڪسٽڊي جاچ آفيسر  حوالي ڪئي ويندي، جوابدار شيراز سوال ٻڌڻ بعد چيو ته هو مصطفي’ قتل ڪيس جو اڪيلو شاهد آهي، جوابدار ارمغان هن جي سامهون مصطفي’ کي بيدردي سان قتل ڪيو  ۽ هو ان وقت ڪجهه به نه پئي ڪري سگهيو، شيراز موجب هن کي ڪيس ۾ ڦاسايو پيو وڃي، جوابدار ارمغان لوهي راڊ سان مصطفي’ کي ماريو ۽ مونکي گن پوائنٽ تي بلوچستان وٺي ويو،  ارمغان بلوچستان وٺي وڃي مصطفي’ جي مڙهه ۽ گاڏي کي باهه ڏئي ڇڏي، تحري حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته شيراز موجب ته هن تي دٻاءُ وڌو ويو آهي ته ڏوهه جو اعتراف ڪر ته سزا گهٽ ملندئي، جوابدار شيراز چيو ته پوليس اسٽيشن ۾ هن تي تشدد ڪيو ويو آهي، جوابدار اعترافي بيان نٿو ڏيڻ چاهي ان ڪري جاچ آفيسر جي درخواست رد ڪجي ٿي.