نوابشاهه (رپورٽ : اياز ڏاهري) نوابشاهه سان تعلق رکندڙ سياستدان رئيس غلام رسول انڙ  چيو آهي ته نواز ليگ جي پليٽ فارم تان سڪرنڊ وارم قومي ۽ صوبائي تڪن تي غلام مصطفيٰ شاهه ۽ غلام قادر چانڊئي جو مقابلو ڪندس، پنھنجي اخبار سان ڳالهائيندي هن چيو ته گذريل ڏينهن  نواز ليگ سنڌ جو صدر بشير ميمڻ منھنجي ڪراچي واري رهائشگاهه  تي آيو هو، هن نواز ليگ ۾ شموليت جي درخواست ڪئي، جنھن تي آئون آيل مھمان بشير ميمڻ کي مان ڏيندي نواز ليگ ۾  شامل ٿيو آھيان،  ھن  چيو ته آئون سڪرنڊ وارن قومي ۽ صوبائي سيٽن تي چونڊ وڙهندس، هن چيو ته ھڪ ٻن ڏينهن ۾ نوابشاهه سان تعلق رکندڙ ھڪ اھم شخصيت پڻ نواز ليگ ۾ شموليت جو اعلان ڪندي، في الحال سندس نالو ٻڌائي نٿو سگھان، هن چيو ته نواز شريف جلد  سنڌ جو دورو ڪري نوابشاهه ۾  عاليشان جلسو ڪندو، ھن ڀيري نواز ليگ سنڌ ۾ ڪلين سوئيپ ڪندي