ڪراچي(رپورٽ : حبيب جمالي) ڪراچي ۾ سينيئر اداڪار ساجد حسن جي منشيات سميت گرفتار پٽ ساحر حسن پاران خوفناڪ انڪشاف، پوليس موجب گرفتار جوابدار ساحر حسن خلاف انسپيڪٽر آفتاب عباسي جي فرياد تي ايس آءِ يو ٿاڻي تي منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، فريادي موجب اطلاع مليو ته خيابان راحت ۾ منشيات سپلاءِ ڪندڙ نوجوان موجود آهي، جنهن تي ڇاپو هڻي جوابدار کي گرفتار ڪري 5 پيڪٽ ويڊ ( چرس جو قسم) هٿ ڪيو ويو ، جنهن جي ماليت 50 لک آهي. ٻئي طرف پوليس ذريعن موجب ساحر حسن پڇا ڳاڇا دوران ٻڌايو ته مصطفيٰ عامر سان سندس دوستي هئي، جڏهن ته ارمغان سان 2016 ۾ ملاقات ٿي، ان وقت ارمغان به منشيات سپلاءِ ڪندو هو، ساحر حسن ٻڌايو ته مصطفيٰ عامر جي لاپتا ٿيڻ بعد ارمغان ۽ شيراز سندس گهر آيا، ارمغان کانئس هڪ لک 33 هزار جي منشيات خريد ڪئي، ساحر موجب مصطفيٰ عامر آخري ڀيرو 4 جنوري تي کانئس اوڌر تي منشيات خريد ڪئي هئي، جنهن بعد واپس نه آيو. هن چيو ته وٽس منشياتa آمريڪي رياست ڪيليفورنيا مان ڪوريئر سروس ذريعي ايندي آهي، منشيات جا مک سپلائر اسلام آباد ۾ آهن، هن پڇا ڳاڇا دوران بازل ۽ يحيٰ جا نالا پڻ کنيا، ٻئي طرف پوليس ساحر حسن کي عدالت ۾ پيش ڪري هڪ ڏينهن جو جسماني ريمانڊ ورتو، ٻڌڻي دوران جاچ آفيسر چيو ته جوابدار وٽان 500 گرام کان وڌيڪ منشيات هٿ آئي آهي.
بيدردي سان قتل ڪيل مصطفيٰ جو مڙهه وارثن حوالي: سپرد خاڪ
ڪراچي: ڪراچي جي پوش علائقي ڊفينس مان اغوا بعد بيدردي سان قتل ڪيل نوجوان مصطفيٰ عامر جي جنازي نماز خيابان محافظ ۾ واقع مسجد علي ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ وارثن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنهن بعد مڙهه جي مقامي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي، انهن کان اڳ ڊي اين اي ذريعي سڃاڻپ بعد مصطفيٰ جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، واضح رهي ته مصطفيٰ عامر قتل ڪيس ۾ جوابدار ارمغان ۽ شيراز گرفتار ٿيل آهن، جوابدارن مصطفيٰ عامر کي قتل ڪرڻ بعد لاش بلوچستان جي علائقي دريجي کڻي وڃي گاڏي سميت ساڙيو هو.