ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي اولهه جي جوڊيشل مئجسٽريٽ اغوا بعد قتل ٿيل نوجوان مصطفيٰ عامر واري ڪيس ۾ جاچ آفيسر جي قبر ڪشائي واري درخواست منظور ڪري ورتي، عدالت صحت واري سيڪريٽري کي ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم ڏيندي قبر ڪشائي ورو عمل ستن ڏينهن اندر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هوڏانهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ارمغان قريشي جي جسماني رمانڊ بابت داخل درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو، پراسيڪيوشن پاران 4 ڪيسن ۾ جوابدار جي جسماني ريمانڊ جي استدعا رد ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي وئي هئي، عدالت جوابدار ارمغان کي اڄ 18 فيبروري تي طلب ڪري ورتو، حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته سينيئر سپرنٽينڊنٽ ارمغان کي اڄ صبح ساڍا 9 وڳي عدالت ۾ پيش ڪري، جڏهن ته ارمغان جي پيشي وقت سيڪيورٽي جا مناسب بندوبست ڪيا وڃن، جڏهن ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو رجسٽرار ريمانڊ ۽ ڪيس جو رڪارڊ به پيش ڪري، عدالت ۾ پراسيڪيوٽر جنرل منتظر مهدي چيو ته مقابلي ۾ هڪ ڊي ايس پي زخمي آهي ، دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو جج ڌر بڻيل آهي، هو جوابدار کي ڏنل ريمانڊ جا سچا نقل توڙي ڪاغذ نٿو ڏئي، ڪيس جي وڌيڪ جاچ لاءَ ارمغان جو ريمانڊ ڏنو وڃي، پراسيڪيوٽر جنرل چيو ته ڇاپو هڻڻ واري پوليس ٽيم خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ واري حڪم کي به معطل ڪيو وڃي, هوڏانهن ريمانڊ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار ارمغان عادي ڏوهاري آهي، جيڪو اڳ به گرفتار ٿي چڪو آهي، هوڏانهن جوابدار ارمغان جي پيءُ ڪامران اصغر قريشي پريس ڪلب ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي پٽ ارمغان مون کي 8 فيبروري تي فون ڪيو، آئون ڪراچي کان ٻاهر هئس، مون بلال ٽينشن ۽ آصف سميت ٽن ماڻهن کي فون ڪري ارمغان وٽ وڃڻ لاءِ چيو. هن چيو ته منهنجي پٽ جي ڪا به ڳالهه نه ٻڌي وئي، ڇاپي وقت ڪيميرائون ٽوڙيون ويون ، اهلڪار منهنجي اڳوڻي زال ساره جي هٿ مان ٿيلهو کسي کڻي ويا، اهو ٿيلهو هن وقت اي وي سي سي پوليس وٽ به ناهي، انهي ٿيلهي ۾ سافٽ ويئر هائوس جو ڊيٽا هو، اسان پنهنجي ۽ سافٽ ويئر هائوس جي حفاظت لاءِ هٿيار رکيا هئا. هن چيو ته مون مصطفيٰ عامر جو نالو پهريون ڀيرو 8 تاريخ تي ٻڌو، منهنجي پٽ مبينا مقابلي دوران ون فائيو تي ڪال به ڪئي هئي، آئون صبح جو پٽ سان ملڻ آيس، جيڪو الٽيون ڪري رهيو هو. هن چيو ته مارشا نالي ڇوڪري واپاري عقيل ڪريم ڍيڍي جي مائٽ آهي، منهنجو پٽ بيگناهه آهي، هن ڪجهه به ناهي ڪيو، ڀنگ لاءِ اغوا جي سڄي ڪهاڻي پويان پوليس اهلڪار بلال ٽينشن آهي، مصطفيٰ کي شيراز قتل ڪيو هو، هن چيو ته آئون آمريڪي شهري آهيان. مون کي ارمغان فون ڪري چيو هو ته توهان ڏاڏا ٿيڻ وارا آهيو. هن چيو ته مون کي عدالت مان انصاف جي اميد آهي.