لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) شروع ٿيڻ کان اڳ دفاعي چيمپئن اسلام آباد يونائيٽيڊ کي وڏو ڌچڪو لڳي ويو. آسٽريلوي وڪيٽ ڪيپر بيٽر ايلڪس ڪيري پي ايس ايل ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ کي دستياب نه هوندو، ڇو ته هو آسٽريليا ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ مصروف هئڻ سبب ليگ کي وقت نه ڏئي سگهندو.
ايلڪس ڪيري کي اسلام آباد يونائيٽيڊ، ڏکڻ آفريڪا جي روسي وين ڊر ڊوسن جي عارضي متبادل طور پِڪ ڪيو هو، پر هاڻي روسي وين ڊر ڊوسن ٽيم کي جلد ئي جوائن ڪندو.