مشڪ ڪليم شادي جو اعلان ڪري ڇڏيو

0
66
مشڪ ڪليم شادي

ڪراچي(شوبز نيوز)مشڪ ڪليم انسٽاگرام تي پنهنجي شادي جي ڪارڊ جي مختصر ويڊيو شيئر ڪئي ۽ لکيو ته الحمدالله، 20 ڏينهن کانپوءِ شادي آهي.سپر ماڊ جي ڪارڊ تي ڏسي سگهجي ٿو ته 15 ڊسمبر تي ان جو ويجهي ساٿي نادر ضياءَ سان نڪاح رٿيل آهي

مشڪ ڪليم تازو انسٽاگرام تي نادر ضياءَ سان گڏ پنهنجون ڪجهه تصويرون به شيئر ڪيون هيون.واضح رهي ته مشڪ ڪليم ننڍي عمر ۾ ئي ماڊلنگ جي شروعات ڪئي ۽ هيل تائين ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪري چڪي آهي.