مشڪوڪ پوليس مقابلا

0
31
موديءَ جي مهم جوئي ۽ خطي جو امن

سنڌ ۾ جڙتو ۽ مشڪوڪ مقابلن ۾ ماڻهو مارڻ ۾ سنڌ پوليس ڪو به ثاني نٿي رکي. پوليس ايتري ته بدنام آهي، جو ڪو حقيقي مقابلو ٿئي ٿو ته ان تي به شڪ ۽ گمان ٿين ٿا. اهڙوئي هڪ مشڪوڪ پوليس مقابلو حيدر آباد ۾ به ٿيو آهي. پوليس موجب، مارجي ويل ڦورو جي سڃاڻپ فاروق احمد عرف عمر شيخ ولد امير شيخ جي نالي سان ٿي، سندس ساٿي فرار ٿي ويوابتدائي طور ڦورو زخمي ٿي پيو جيڪو بعد ۾ فوت ٿي ويو ، مارجي ويل شخص جي وارثن موجب، حيدرآباد پوليس ڳوٺ تي چڙهائي ڪري نوجوان رفيق الله شيخ کي گولين جو کاڄ  بڻائڻ بعد فاروق عرف عمر شيخ کي گرفتار ڪري کنڀي کڻي وئي هئي. جنھن بعد حيدرآباد پوليس طرفان مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو ويو آهي. هڪ طرف پوليس ماڻهو مارڻ ۾ دير نٿي ڪري ته ٻئي طرف حالت اها آهي ته سنڌ بدامنيءَ جي ڀونءِ بڻيل آهي. ڀنگ خاطر اغوا جا واقعا وڌي ويا آهن.

سنڌ مقتل بڻجندي وڃي پر منتظمين اڃان عمر ڪوٽ واري اليڪشن جي فتح جا جشن ملهائڻ کان واندا ئي نٿا ٿين. هر پاسي خوشيون ۽ شادمانا آهن، رقص آهن. کين اها به پروڙ ناهي يا وري پروڙ لهڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي وئي آهي ته سندن “بادشاهيءَ” جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪنهن جي ڪا رات رنجائي گذري آهي، ڪنهن گهر ۾ ماتم برپا ٿيو آهي، ڪنهن جي ڪائنات اجڙي وئي آهي، ڪنهن جي جند جو جهونا ڳڙهه جُهري ويو آهي، پر انهن جو اڃان جشن پورو ئي نه پيو ٿئي. اهي پنهنجي ڏيڍ ڏهاڪي واري حڪمرانيءَ ۾ سنڌ کان رسي ويل امن موٽائي نه سگهيا آهن. اڄ به قبيلائي دهشتگردي جاري آهي، اڄ به اجتماعي اغوائن جون وارداتون ٿي رهيون آهن. اڄ به پوليس ڪماني اعليٰ منتظمين توڙي قانون جي ڳالهه مڃڻ بدران تر جي ڀوتار جي تابعداري ڪن ٿا.

توڙي جو حڪمراني عوامي خدمت جو نالو آهي، جنهن لاءِ ئي عوام پنهنجي ووٽ جي ذريعي مينڊيٽ ڏيندو آهي ته جيئن حڪمران قانون جي عملداري ذريعي عوام جي تحفظ واري آئيني ذميواري پوري ڪري سگهن پر هتي شايد حڪمرانن ان کي دل پشوريءَ جو ذريعو سمجهي ورتو آهي، جو امن امان ۽ عوام جي تحفظ جي ذميواري انهن جي ترجيح نظر نٿي اچي. پوليس عملدارن جون مقرريون سردارن ۽ ڀوتارن جي فرمائشن تي ٿين ٿيون ۽ پوليس رڳو انهن جي ايجنڊا جي تڪميل ۾ مصروف هوندي آهي، ڏوهه انهن ڀوتارن جي معيشت بڻيل آهن، جيڪي ڀوتار سنڌ ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۾ وڏي رڪاوٽ بڻيل آهن. سنڌ ۾ جيڪي خطرناڪ ۽ جديد هٿيار ڌاڙيلن وٽ آهن، اهڙا ئي جديد هٿيار سنڌ ۾ جهيڙيندڙ برادرين وٽ پڻ آهن. توڙي جو سنڌ ۾ جديد هٿيارن جون فيڪٽريون ته ناهن ته پوءِ اهي هٿيار ڪٿان ٿا اچن؟ هٿيار قبيلائي دهشتگرديءَ جي لائف لائين آهن، جيستائين سنڌ ۾ هٿيارن جي پهچ آهي، وڪري جا گهٽ گهيڙ بند نٿا ڪيا وڃن، تيستائين سنڌ ۾ امن جا امڪان پيدا ٿي نه سگهندا. اسان اڳ به اها گهر ڪندا رهيا آهيون ته سنڌ ۾ جهيڙيندڙ ڌرين کي بي هٿيار ڪيو وڃي.

سنڌ ۾ امن امان لاءِ گهڻي بجيٽ رکي وڃي ٿي پر اها خرچ ڪٿي ٿي ٿئي؟ رڳو پوليس ۾ سياسي مداخلت بند ڪري ان کي فري هينڊ ڏنو وڃي ته پوليس خطرناڪ هٿيارن جي سپلاءِ ۽ وڪرو بند ڪرائي سگهي ٿي. ائين به ڪونهي ته سنڌ انتظاميا ايتري بيوس آهي، جو اها ڪجهه نٿي ڪري سگهي، حڪمران سڀ ڪجهه ڪري سگهن ٿا، پر جڏهن اهي سچائيءَ ۽ نيڪ نيتيءَ سان سنڌ کي امن جو هندورو بنائڻ چاهين ته سڀ ڪجهه ممڪن آهي. سوال اهو به آهي ته جيڪي پوليس عملدار ضلعن ۾ امن امان قائم نٿا ڪرائي سگهن ته اهڙي نا اهل نفريءَ کي ڪهڙي ثواب خاطر عوام جي ٽيڪسن جي ناڻي تي چٽي بڻاني ڪهڙي ثواب خاطر پالجي! سنڌ جا حڪمران جڏهن به فتح جي جشن مان واندا ٿين ته ڪجهه ڌيان امن امان ڏانهن به ڏين.