توڙي جو پوليس جو کاتو عوام جي تحفظ لاءِ قائم ڪيو ويو آهي، پر پوليس جي مجموعي ڪردار کي ڏسي ماڻهو اهو چوڻ تي مجبور ٿئي ٿو ته، عوام کي پوليس کان ئي تحفظ جي ضرورت آهي. مختلف وقتن تي قانون شڪني ۽ پوليس جو ڊراڪولائي روپ پڻ سامهون ايندو رهيو آهي. پوليس تي عوام جي بي اعتمادي جو سبب پڻ اهو ئي آهي، جيڪو پوليس مجموعي طور تي پنهنجي ڪردار سان جوڙيو آهي، ان ڪري پوليس جي حوالي سان هڪ شڪ جي فضا موجود رهي ٿي. سنڌ جي پوليس اڃان تائين به ‘گورا صاحب’ جي دور ۾ پاڻ کي زنده سمجهي ٿي. اهو ئي جبر ۽ استبداد، اهو ئي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ. شايد ئي ڪو ڏينهن هجي، جنهن ڏينهن پوليس جو ڪو ‘مشڪوڪ’ مقابلو ميڊيا تي رپورٽ نه ٿيندو هجي. رُڳو ڪالهوڪي ‘پنهنجي اخبار’ ۾ به ٽن پوليس مقابلن جو خبرون رپورٽ ٿيون آهن. اهي مبينا پوليس مقابلا نئون ڪوٽ، ڀٽ شاهه ۽ لاڙڪاڻي مان رپورٽ ٿيا آهن، جن ۾ پوليس جوابدارن کي انهن ڌار ڌار مبينا مقابلن ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي.
سنڌ ۾ ڏوهن جو گراف ڏينهون ڏينهن وڌندو وڃي. ماڻهن مان قانون جو خوف ختم ٿي ويو آهي. پوليس امن امان قائم ڪرڻ ۽ عوام جي تحفظ جو بنيادي ڪم وساري خود ڏوهن جي سرپرستي ۽ ڪرپشن ۾ مصروف ٿي وئي آهي. البته اها ڳالهه سڄي پوليس کاتي لاءِ نٿي چئي سگهجي، پوليس کاتي ۾ چڱا ۽ فرض شناس پوليس آفيسر به آهن پر انهن جو تعداد ايترو ته گهٽ آهي، جو اهي پوليس جو جڙيل ناڪاري پروفائيل ڪوششن جي باوجود به بدلائي نه سگهيا آهن. ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن کي ڏسي رستا بدلائي ڇڏيندڙ پوليس غريب ۽ بي پهچ ماڻهن لاءِ ‘مُڙس ماڻهو’ بڻيل هوندي آهي. ڪيسن جي جاچ دوران تشدد سِڪه رائج الوقت وانگر هلي ٿو ۽ ڪيترو هلي ٿو، ان جو اندازو جڙيل ان عام مان ئي لڳائي سگهجي ٿو ته، پوليس هرڻيءَ کان هاٿي هجڻ ۽ هاٿيءَ کان هرڻي هُجڻ جو اعتراف ڪرائي سگهي ٿي. سڄي دُنيا ۾ پوليسنگ سروس آهي پر اسان وٽ پوليس فورس آهي، جنهن جي ڪري ان جي ذهنيت ۽ نفسيات به فورس واري جُڙيل آهي. اها خبر ناهي ته پوليس کي تربيت دوران انساني حقن جي تعليم ڏني وڃي ٿي يا نه، پر پوليس جو سماج ۾ جيڪو مجموعي ڪردار آهي، ان مان ته اهو ظاهر ٿئي ٿو ته، پوليس انساني حقن جي نالي کان به واقف ناهي. پوليس بي پهچ ماڻهن تي نشانا پڪا ڪرڻ جي حوالي سان پڻ مشهور آهي. مٿي اسان جن رپورٽ ٿيل ٽن مبينا پوليس مقابلن جو ذڪر ڪري آيا آهيون، انهن مان نئين ڪوٽ واري پوليس مقابلي جي حوالي سان اهو رپورٽ ٿيو آهي ته، نوجوان کي زخمي ڪرڻ کان اڳ گرفتاريءَ وارا فوٽو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيا آهن، ان مان ته اهو ٿو ظاهر ٿئي ته، ان نوجوان کي اڳ ۾ گرفتار ڪرڻ کان پوءِ مقابلو ڄاڻائي زخمي ڪيو ويو آهي. وري به انهن مبينا پوليس مقابلن ۾ زخمي ٿيلن جي قسمت سُٺي هئي، جو پوليس انهن کي مقابلي ۾ مارجڻ وارو ‘رُتبو’ عطا نه ڪيو. اڪثر ڪري اهو رپورٽ ٿيندو رهيو آهي ته، جڏهن ڪنهن جوابدار کي پوليس گرفتار ڪندي آهي ۽ ان جي آزادي عيوض پئسن جي گُهر ڪندي آهي، جڏهن اها گُهر پوري نه ٿيندي آهي ته ان شخص کي يا ته مقابلي ۾ زخمي ڪيو ويندو آهي يا وري ٻئي جهان پهچايو ويندو آهي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پوليس جي مبينا مقابلن ۾ زخمي ٿيلن ۽ مارجي ويلن لاءِ جيڪا ميڊيا تي منفي ۽ غير انساني رپورٽنگ ٿيندي رهي آهي، ان لاءِ جيڪي ‘هاف فراءِ’، ‘فُل فراءِ’ جا اصطلاح استعمال ٿيندا رهيا آهن، اها پڻ افسوس جوڳي ڳالهه آهي. پوليس جڙتو مقابلن ۾ بي ڏوهي ماڻهن کي قتل به ڪري ڇڏيندي آهي ۽ پوليس جي اهڙي ڪڌي عمل کي صرف ‘فُل فراءِ’ واري اصطلاح سان ڀلا ‘جسٽيفاءِ’ ڪري سگهجي ٿو؟ ماڻهو مارڻ واري ڏوهه کي هڪ ناڪاري ۽ منفي اصطلاح جي کاري هيٺان ڪيئن ٿو لڪائي سگهجي؟
سنڌ ۾ مشڪوڪ پوليس مقابلن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ تي منتظمين کي ڳڻتي نه هجڻ پڻ وڏي ڳڻتيءَ جي ڳالهه آهي. ڪو ڪيترو به ڏوهاري هجي ته ان کي سزا ڏيڻ عدالت جو ڪم آهي، نه ڪي پوليس جو. تنهن ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته، سنڌ ۾ مشڪوڪ پوليس مقابلن جي جاچ ڪرائي وڃي. پوليس کي ماڻهو مارڻ جو لائسنس ڪنهن ڏنو آهي؟ ان سان گڏ ميڊيا کي به ‘هاف فراءِ’ ۽ ‘فُل فراءِ’ جي اصطلاح جو استعمال به زيب نٿو ڏئي. ڪيسن ۾ جاچ لاءِ انگريز دور جي تشدد جي طريقيڪار بدران جديد ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال ڪيو وڃي.