لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳواڻي ڪپتان ۽ سوئنگ جي سلطان وسيم اڪرم سوسل ميڊيا صارفين کي صلاح ڏيڻ کان منع ڪري ڇڏيو، وسيم اڪرم تازو هڪ نجي ٽي وي جي شو ۾ شرڪت ڪئي جتي هن سوشل ميڊيا صارفين تي تنقيد ڪئي، هن چيو ته خدا جو واسطو آهي، مشورا ڏيڻ بند ڪيو، اهڙا ماڻهو دنيا جي ڪامياب ترين ماڻهن کي مشورا ڏئي رهيا آهن، انهن وٽ 2 فالوورز هوندا آهن ته ۽ 2سئو ملين وارن فالوورز کي مشورو ڏئي رهيا آهن، اڳوڻي ڪرڪيٽر جو چوڻ هو ته سٺو سوچيو، ٻين لاءِ سٺا ڪمنٽس ڏيو، انهن کي حوصلو ڏيو، جيڪڏهن توهان سوچيو ٿا ته مون تي تبصرا ڪرڻ تي منهنجي مٿان ڪو فرق پوندو ته اهي ماڻهو غلط آهن، وسيم اڪرم چيو ته ڪاميابي جو مطالب پئسا نه هوندا آهن، سٺن ماڻهن کان مشورو وٺو.