لاهور (شوبز نيوز) جڳ مشهور گلوڪار بوهيميا لاهور ۾ ٿيل ڪنسرٽ دوران انتظاميا تي ڀڙڪي پيو. سوشل ميڊيا تي هڪ وائرل وڊيو ۾ پاڪستاني ڄائي آمريڪي گلوڪار بوهيميا کي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. اسٽيج تي ايندي بوهيميا چوي ٿو ته مان گذريل پنجن ڪلاڪن کان بيڪ اسٽيج تي ويٺي پنهنجي واري جو انتظار ڪري رهيو آهيان ۽ هاڻي اوهان چئي رهيا آهيو ته ٽائيم پورو ٿي ويو آهي. گلوڪار جي ان جملي تي ڪنسرٽ ۾ موجود مداحن به شور مچائڻ شروع ڪري ڇڏيو جنهن تي ڀوهيميا چيو ته ” مان ڪنسرٽ ۽ انتظاميا جي عزت ڪريان ٿو پر هتي بدانتظامي ٿي آهي، ماڻهو مون کي ٻڌڻ لاءِ آيا آهن ۽ ايڏي دير کان اسٽيج تي بڪواس هلي رهي آهي. بوهيميا آخري ۾ ان جملي سان پنهنجي پرفارمنس جي شروعات ڪئي ته مان مداحن لاءِ پوڻي ڪلاڪ جي پرفارمنس پلان ڪري آيو هئس، هاڻي ته اسٽيج تان ئي سڌو جيل ويندس.