مشهور ڀارتي راڳي شادي ڪري ڇڏي، تصويرون وائرل

0
59
مشهور ڀارتي راڳي شادي ڪري ڇڏي، تصويرون وائرل
مشهور ڀارتي راڳي شادي ڪري ڇڏي، تصويرون وائرل

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ناليواري گلوڪار درشَن راول پنهنجي ويجهي دوست سان شادي ڪري ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، درشن راول پنهنجي دوست ڌارل سريلا سان شادي ڪئي پيشي جي لحاظ کان هڪ آرڪيٽيڪٽ آهي. درشن راول طرفان انسٽاگرام تي تصوير شيئر ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ گهوٽ ڪنوار کي روايتي لباس ۾ ڏسي سگهجي ٿو. درشن راول کي مداحن سميت بالي ووڊ جي مشهور شخصيتن طرفان واڌائين جو سلسلو جاري آهي. واضح رهي ته گلوڪار درشن راول ڪيئي مشهور گيت ڳايا آهن جن ۾ کينچ ميري فوٽو، جُهڪي تيري پَلڪون مين مل جائي مجهي پناهه، ماهيي جنا سوهنا وغيرا شامل آهن.