راولپنڊي(شوبز نيوز) مشهور ٽڪ ٽاڪر ريحانه عرف زخمي شينھڻ کي قتل جي هڪ ڪيس ۾ ڦاهي ۽ 5 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي آهي. ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج فرحت جبين 3 ڏينهن اڳ محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. عدالت چيوته ڏوهارڻ ٽڪ ٽاڪر کي ان وقت تائين ڦاهيءَ تي لٽڪايو وڃي جيستائين سندس ساهه نه نڪري وڃي. عدالت قرار ڏنو ته ڏوهارڻ سنگين جرم ڪيو آهي، ڪنهن قسم جي رعايت ساڻس نٿي ڪر سگهجي. ياد رهي ته سڱابنديءَ جي جھڳڙي تي زخمي شينھڻ سوٽ لڄپال حسين ساهه کي قتل ڪيو، ٽڪ ٽاڪر 30 بور جي پستول سان  مقتول جي گھر م داخل ٿي فارئنگ ڪئي هئي. ڪوٽلي ستيان ٿاڻي تي 23 مارچ 2023ع تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو، ٽڪٽاڪر زخمي شيرنيءَ کي قتل ۾ استعمال ٿيل پستول سميت گرفتار ڪيو ويوهو. ڪيس جي شنوائين دوران ٽڪ ٽاڪر هٿڪڙين ۾ وڊيو ٺاهي ٽڪ ٽاڪ ٺاهيندي هئي. سزا کان پوءِ کيس اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو. ميديا سان ڳالهائيندي ٽڪ ٽاڪر چيو ته فيصلو ٺيڪ ناهي، هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪنديس.