لنڊن (اسپورٽس نيوز) ارجنٽائن جي اسٽار فٽبالر ليونل ميسي جي انٽر ميامي ٽيم فيفا ڪلب ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿي وئي. پي ايس جي انٽر ميامي کي 4-0 تان شڪست ڏئي ايونٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو. ميچ ۾ سڀئي گول پهرين هاف ۾ ٿيا، پي ايس جي لاءِ جوائو نيوس 2 گول ڪيا. ٻئي طرف، دنيا جي مشهور فٽبال اسٽار ڪرسٽيانو رونالڊو ڪلب ورلڊ ڪپ ۾ حصو وٺڻ جي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. رونالڊو سعودي ڪلب النصر سان 2 سالن جي نئين معاهدي تي صحيح ڪرڻ کان پوءِ هڪ وڊيو پيغام ۾ چيو ته مون کي ڪلب ورلڊ ڪپ ۾ کيڏڻ جون ڪجهه آڇون هيون، پر مون سوچيو ته اهو بي معنيٰ هو، ڇاڪاڻ ته منهنجي لاءِ مڪمل طور تي آرام ڪرڻ ۽ سٺي تياري ڪرڻ بهتر هو. رونالڊو وڌيڪ چيو ته سندس مقصد صرف النصر لاءِ نه پر پرتگال جي قومي ٽيم لاءِ پڻ مڪمل طور تي تيار رهڻ آهي، اهو ئي سبب آهي جو هن پاڻ کي نيشنز ليگ جي آخري ميچ تائين محدود رکيو ۽ ڪنهن ٻئي آڇ تي ڌيان نه ڏنو.