رياض(اسپورٽس نيوز) پرتگالي اسٽار فٽبالر جي گرل فرينڊ جارجينا روڊريگيز انسٽاگرام پوسٽ ذريعي ڪرسٽيانو رونالڊو سان شادي جون افواهون پکيڙي ڇڏيون. ميڊيا رپورٽن موجب النصر فٽبال ڪلب جو اسٽار فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو هن وقت پنهنجي ٻارن ۽ گرل فرينڊ جارجينا روڊريگيز سان گڏ سعودي عرب ۾ رهي ٿو. تازو ئي، رونالڊو جي گرل فرينڊ جارجينا روڊريگيز فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي پنهنجي آڱرين ۾ انگوٺي جي تصوير شيئر ڪئي، جنهن جي ڪيپشن ۾ صرف دل جو ايموجي شامل هو. رونالڊو جي گرل فرينڊ پاران هڪ تصوير شيئر ڪرڻ کان پوءِ ڪيترن ئي صارفين ٻنهي جي وچ ۾ ڊگهي عرصي کان هلندڙ تعلق کي شادي يا منگني سان منسوب ڪيو آهي، پر ڪا به سرڪاري تصديق نه ٿي آهي. رونالڊو ۽ جارجينا 2016 کان گڏ آهن ۽ انهن جا ڪل 5 ٻار آهن، جن ۾ 2 ڌيئرون ۽ 3 پٽ شامل آهن. ان کان اڳ هڪ انٽرويو ۾، جارجينا روڊريگيز هڪ بيان ۾ چيو هو ته اسان ٻئي پنهنجي رشتي کي خانگي رکڻ چاهيون ٿا. جڏهن صحيح وقت ايندو، ته سڀني کي خبر پوندي. ٻئي طرف، مشهور فيشن تجزيه نگار ايلينا گارسيا جو چوڻ آهي ته هي انگوٽي هيرن جي ڪڙڪائي واري ڊيزائن جي آهي جيڪا عام طور تي منگني/شادي جي موقعن تي پائڻي ويندي آهي.