نيويارڪ (شوبز نيوز) آمريڪا جي مشهور ٽڪ ٽاڪر ۽ سوشل ميڊيا انفلوئنسر ڪرس اوڊونيئل مٿي تي گولي لڳڻ سبب زندگي جي جنگ هارائي ويٺو، آمريڪي سوشل ميڊيا اسٽار جي موت کي خودڪشي قرار ڏنو پيو وڃي، ماريڪوپا ميڊيڪل ايگزامنر تصديق ڪئي آهي ته اوڊونيئل جو موت مٿي تي گولي لڳڻ سبب ٿيو آهي، فٽنس انفلوئنسر جي حوالي سان شهرت رکندڙ آمريڪي ٽڪ ٽاڪ اسٽار ڪرس اوڊونيئل جا سوشل ميڊيا تي 8 لک کان وڌيڪ فالوورز آهن ۽ اهو فٽنس سان گڏوگڏ هائيڪنگ جون وڊيوز به شيئر ڪندو رهندو هو، تازو ڪرس پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ايترو ايڪٽو نه هو، جڏهن ته هن نومبر 2024 ۾ پنهنجون ڪيتريون هائيڪنگ ايڊونچرز جون ريلز شيئر ڪيون هيون، جن جي ڪيپشن ۾ هن لکيو هو ته سندس موت بعد کيس ڪيئن ياد ڪيو ويندو، ڪرس هڪ وڊيو جي ڪيپشن ۾ لکيو هو ته “مان حيران آهيان ته ڪڏهن مان هن زمين کي ڇڏيندس، ڪڏهن مان ڪوئن جي ڊوڙ مان نڪرندس، جڏهن مان مٽيءَ ۾ پيو هوندس، جيڪڏهن اوهان کي منهنجو چهرو ياد هوندو.”