ڪراچي (م ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حماد اظهر پرويز مشرف کي پي ڊي ايم حڪومت کان وڌيڪ جمهوري قرار ڏئي ڇڏيو، حماد اظهر هڪ بيان ۾ چيو ته پرويز مشرف هڪ آمر هو، ان بغير احتساب جي غلطيون ڪيون، جن جي قيمت اڄ به پاڪستان خون سان ادا ڪري رهيو آهي، هن چيو ته ان سمورين غلطين باوجود مشرف پي ڊي ايم جي حڪومت کان وڌيڪ جمهوري ۽ انسان دوست هو، ان سان موجوده حڪومت جي خصلت جو پتو پوي ٿو.