ڀٽ شاهه(ن پ ا) ٽنڊوآدم ويجهو مشاخ هوٿي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڳوٺ فضل چنڊ جي رهواسي فضل چنڊ مٿان نافرمان پٽ حملو ڪري کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو. جڏهن ته مشاخ هوٿي پوليس پاران جوابدارگرفتار نه ٿيڻ خلاف ڀٽ شاھ ۾ هيومن رائيٽس پروٽيڪشن اينڊ سوشل جسٽس ٽيم پاران  ڊاڪٽرايازچنڊ، شبير راجپوت، راڻاطاهر ، شبيرچنڊ، محمدچنڊ، وحيد چنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج  ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته ڪجھه ڏينهن اڳ ڳوٺ فضل چنڊ ۾ ڳوٺاڻي فضل چنڊ تي خادم چنڊ ۽ ٻين حملو ڪري کيس زخمي ڪري ڇڏيو جنهن واقعي جي مشاخ هوٿي ٿاڻي تي رپورٽ داخل هئڻ باوجود ايس ايڇ او جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ بجاء سندن ڌر بڻيل آهي اسان ايس ايس پي ٽنڊوالهيار سميت سڀني وس وارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته  فوري طور جوابدارن کي گرفتار ڪري متاثر ڌر سان انصاف ڪيو وڃي ٻئ صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيح ڪيو ويندو.